کيرو عام طور تي هڪ صحت بخش ۽ هلڪي غذا طور واپرايو ويندو آهي، خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي وزن گهٽائڻ چاهين ٿا، اُهي ان کي پنهنجي روزاني خوراڪ جو حصو بڻائيندا آهن.
ان ۾ پاڻي جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن ڪري هي جسم کي هائيڊريٽ رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان کي سلاد، رائتي، جوس ۽ اسموڊيز ۾ شوق سان استعمال ڪيو ويندو آهي.
خوراڪ ماهرن موجب، کيري ۾ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي سان گڏ وٽامن ڪي، وٽامن سي، پوٽاشيم، ميگنيشيم ۽ فائبر جهڙا اهم جزا موجود هوندا آهن،هي نه رڳو هاضمي کي بهتر بڻائيندو آهي پر جسم ۾ سوڄ گهٽائڻ، بلڊ پريشر کي متوازن رکڻ ۽ چمڙي جي صحت بهتر بڻائڻ ۾ به مددگار سمجهيو ويندو آهي.
ان باوجود جتي ان جا اڻ ڳڻيا فائدا آهن، اتي ماهر خبردار ڪندي اِهو به چون ٿا ته ڪجهه مخصوص طبي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ کيرو هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري ان جو استعمال سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي.
ساهه ۽ کانگهاري جي مسئلن ۾ احتياط
غذائي ماهرن موجب، کيري جي تاثير ٿڌي هوندي آهي، جيڪا ڪجهه ماڻهن ۾ بلغم وڌائي سگهي ٿي، زڪام، کنگهه، ساهه جي تڪليف (دم)، سائنوس يا ساهه جي ٻين بيمارين ۾ وڪوڙيل ماڻهن لاءِ ان جو استعمال مسئلا وڌائي سگهي ٿو، خاص طور تي سياري جي مند ۾.
هاضمي وارو نظام ڪمزور هجي ته مسئلو بڻجي سگهي ٿو
جيتوڻيڪ کيري ۾ موجود فائبر هاضمي لاءِ لاڀائتو آهي، پر حساس معدو رکندڙ ماڻهن لاءِ هي مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
ان ۾ موجود ڪيڪربيٽاسن نالي مرڪب ڪجهه ماڻهن ۾ گيس، پيٽ ڦوڪجڻ ۽ بدهضمي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي آءِ بي ايس يا معدي جي ٻين مسئلن جو شڪار هجن.
جوڙن جي سور ۾ واڌ جو امڪان
ماهرن موجب، جوڙن جي سور ۾ مبتلا ماڻهن کي به احتياط ڪرڻ گهرجي، کيري جي ٿڌي تاثير ڪجهه ڪيسن ۾ سوڄ ۽ سور کي وڌائي سگهي ٿي، خاص طور تي سياري ۾.
پيشاب جي نالي جي مسئلن ۾ وڪوڙيل ماڻهن لاءِ خطرو
کيري ۾ قدرتي طور پيشاب آڻيندڙ خاصيتون آهن، ان ڪري پيشاب جي نالي جي انفيڪشن يا ٻين مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ ان جو وڌيڪ استعمال نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، اهڙن ماڻهن کي محدود مقدار ۾ استعمال جو مشورو ڏنو ويندو آهي.
شوگر جي مريضن لاءِ احتياط ضروري
جيتوڻيڪ کيرو عام طور تي شوگر جي مريضن لاءِ محفوظ ڄاتو ويندو آهي، پر ان جا ٻج ڪجهه صورتن ۾ شوگر ليول کي حد کان وڌيڪ گهٽائي سگهن ٿا، خاص طور تي جيڪڏهن مريض انسولين يا ٻيون دوائون استعمال ڪري رهيو هجي. ان سان ڪمزوري، چڪر ۽ ٿڪ جهڙيون علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
رات جي وقت استعمال ڇو نقصانڪار؟
ماهرن رات جي وقت کيري جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ پاڻي جو وڌيڪ مقدار هجڻ ڪري رات جو هر هر واش روم وڃڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان ننڊ متاثر ٿيندي آهي.
ان کان سواءِ ان جي ٿڌي تاثير به رات جي وقت جسم لاءِ موزون ناهي سمجهي ويندي.
ماهرن موجب، کيرو بنا ڪنهن شڪ جي فائديمند خوراڪ آهي، پر هر شخص لاءِ هڪ جيترو فائديمند ناهي، ان ڪري پنهنجي صحت ۽ جسماني ڪيفيت کي نظر ۾ رکندي ان جو استعمال ڪرڻ ئي بهتر حڪمت عملي آهي.