ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوبيل امن انعام جي نامزدگي بابت سوالن ۽ افواهن تي جواب ڏئي ڇڏيو.
برطانوي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي پهرين ترجيح انعام نه پر خطي ۾ پائيدار امن جي بحالي آهي.
هن چيو ته عالمي برادري وٽ ”پلان بي“ جي گنجائش ناهي، اسان کي هر صورت ۾ ’پلان اي‘ يعني امن کي ئي ڪامياب بڻائڻو پوندو.
پ پ چيئرمين چيو ته هن جنگ جا نتيجا دنيا لاءِ تباهه ڪندڙ ٿي سگهن ٿا، تازي تڪرار سبب انساني جانين جي زيان ۽ عالمي معيشت تي به اثر پئجي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ مهيني جي ڪوششن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿيو آهي، پاڪستان کي اميد آهي ته اعتماد سازي جي خال کي ڀريو ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي، ايران جي 10 نقاطي فارمولي کي ڳالهين جو بنياد بڻايو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران جي ڪجهه نقطن تي هاڻي به اختلافِ راءِ موجود آهي، ايران ۾ بمباري ۽ خطي ۾ جوابي ڪارروائيون رڪجي چڪيون آهن.
You might also like