وٽڪين سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪيٿولڪ مسيحي برادري جي مذهبي پيشوا پوپ ليو چيو آهي ته ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي.
هڪ بيان ۾ پوپ ليو چيو ته جنگ ۽ مفادن جي هوس مقدس ماڳن جي بي حرمتي ڪئي، مقدس ماڳن تي غير انساني ۽ بي معنيٰ تشدد تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي، ڪو به فائدو ٻارن ۽ خاندانن جي جانين کان وڌيڪ نٿو ٿي سگهي.
جنگ مقدس ماڳن جي بي حرمتي ڪئي، ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز نٿو بڻجي سگهي: پوپ ليو
You might also like