” ايران سٺو نه پيو ڪري“ آبناءِ هرمز ۾ جهازن کان ٽيڪس اوڳاڙي تي ٽرمپ جو ردعمل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته تهران طرفان آبناءِ هرمز مان ٽيڪس اوڳاڙي تي ايران تيل جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ خراب ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ان کان اڳ ايراني پارليامينٽ جي هڪ رڪن انڪشاف ڪيو هو ته تهران ڪجهه جهازن کان 20 لک ڊالر ٽيڪس اوڳاڙي رهيو آهي.
واضح رهي ته دنيا جو اٽڪل 20 سيڪڙو تيل ايراني نار (آبناءِ هرمز ) مان گذري ٿو.
ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ڪو باظابطا معاهدو طئي نه ٿيو ته ايران تي ٻيهر حملا شروع ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.