آمريڪي جهازن لاءِ به آبناءِ هرمز کليل آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي سامونڊي جهاز به آبناءِ هرمز مان گذري سگهن ٿا جيڪڏهن اهي دشمني وارو رويو اختيار نه ڪن.
سعيد خطيب زاده چيو ته آبناءِ هرمز کليل آهي، ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري ايراني فوج سان رابطو رکڻ ضروري آهي، آبناءِ هرمز مان محفوظ رستن ذريعي سفر کي يقيني بڻايو ويندو.
هن چيو ته آبناءِ هرمز جو بين الاقوامي شپنگ چينل ايران ۽ عمان جي علائقائي پاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن ماضي ۾ نيڪ نيتي تحت جهازن کي محفوظ رستو فراهم ڪيو آهي، ايران چاهي ٿو ته آبناءِ هرمز هڪ پرامن گذرگاهه رهي، رستي کي جنگي جهازن جي غلط استعمال کان بچائڻ لاءِ ايران کي عمان ۽ عالمي برادري سان گڏجي واضح طريقيڪار تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.