آمريڪا جو ايران جنگ مان نڪرڻ جو فيصلو؟ ٽرمپ نائب صدر کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ٽرمپ جَي ڊي وينس کي ايران جنگ مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
برطانوي رسالي ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نائب صدر جي ڊي وينس کي ايران جنگ مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ جي هدايت ڪئي آهي، جي ڊي وينس ايران خلاف جنگ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ حمائتي آهي.
ڊيلي ميل موجب، جي ڊي وينس کي ڊگهي عرصي کان پرڏيهي فوجي مداخلتن بابت شڪ شبهن رهيا آهن ۽ ڪنهن کليل ۽ اڻڄاتل مدي واري جنگ ۾ آمريڪي فوج موڪلڻ جي امڪان تي کليل نموني ڳالهائيندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.