اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ، اسلام آباد ۾ اهڙين اهم ڳالهين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جن تي سڄي دنيا جي نظر هوندي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ جنگ کان نڪرڻ لاءِ ڳالهين جو امڪان پيدا ڪيو ويو آهي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ بي اعتمادي ۽ خطي جي تڪرارن سبب انهن ڳالهين کي وڏا چئلينج درپيش آهن.سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، رستن جي رنگائي، سڪيورٽي جي موجودگي ۾ واڌ ۽ هڪ محتاط پر پريشاني واري ماحول ۾ اسلام آباد انهن ملاقاتن لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، جيڪي عالمي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن.پاڪستان جي ٽياڪڙي سان جنگ بندي ممڪن ٿي، پر اها جنگبندي لبنان تي اسرائيلي حملن سبب اڳ ۾ ئي خطري هيٺ آهي، ڳالهيون 15 ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران وفد مختلف مرحلن ۾ اسلام آباد ۾ موجود رهي سگهن ٿا.آمريڪي وفد جي قيادت نائب صدر جي ڊي وينس ڪندو، جنهن سان گڏ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ويجها صلاحڪار به شامل هوندا.ايراني وفد جي قيادت پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪندا. اهو واضح ناهي ته ايران جي انقلابي گارڊ جا نمائندا به شامل ٿيندا يا نه.پاڪستان ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ڌرين کي الڳ الڳ ڪمرن ۾ ويهاريو ويندو ۽ پاڪستاني عملدار پيغام هڪ ڌر کان ٻي ڌر تائين پهچائيندا.وزيراعظم شريف ٻنهي ڌرين سان الڳ الڳ ملاقاتون به ڪندو، جڏهن ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڳالهين کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ڏيندوايران جي تجويزن ۾ آبناءِ هرمز تي پنهنجو ڪنٽرول، آمريڪي فوجين جي واپسي، ۽ فوجي ڪاررواين جي بندش شامل آهي آمريڪا چاهي ٿو ته ايران پنهنجي افزودہ يورينيم جو ذخيرو ڇڏي ڏئي لبنان تي اسرائيلي حملا به ڳالهين ۾ وڏو تڪراري نقطو آهن ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لبنان تي حملا جاري رهيا ته جنگبندي ختم ٿي سگهي ٿي.ماهرن موجب ٻنهي ڌرين ۾ بي اعتمادي تمام گهڻي آهي، جنهن سبب فوري طور تي ڪو حتمي معاهدو ٿيڻ مشڪل نظر اچي ٿو.لبنان وارو معاملو سڀ کان وڏو تڪراري نقطو بڻيل آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل جا حملا ڳالهين کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهن.ماهرن مطابق جنگبندي کي برقرار رکڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي ٻنهي ڌرين جا وڌ کان وڌ مطالبا ڳالهين کي پيچيده بڻائي رهيا آهن اعتماد جي کوٽ سڀ کان وڏو مسئلو آهي ،جڏهن ته نار جي ملڪن سميت ڪيترن ئي علائقائي ملڪن جنگبندي جي حمايت ڪئي آهي ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ جامع معاهدي جي اميد ظاهر ڪئي آهي.