لاهور (بيورو) پنجاب اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عالمي امن لاءِ ڪيل ڪوششن تي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. هيءَ ٺهراءُ مسلم ليگ (ن) جي چيف وهپ رانا محمد ارشد پاران اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير جي اثرائتي سفارتڪاريءَ جي ساراهه ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي راهه هموار ٿي. ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪي هئي، جيڪا ڪنهن به وقت وڏي عالمي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي پئي. ٺهراءُ ۾ پاڪستاني قيادت کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته انهن شخصيتن جنگ بندي ڪرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. پنجاب اسيمبليءَ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي هاڪاري ۽ متوازن ڪردار کي مڃيندي وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير جا نالا نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيا وڃن.