فحش فلمن جي اڳوڻي اداڪارا ميا خليفا تازي جنگبندي باوجود لبنان تي بمباري تي روئي ڏنو ۽ چيو ته اسرائيل منهنجي ٽيڪس جي پيسي سان منهنجي ئي ملڪ تي حملا ڪري رهيو آهي.
لبنان ڄائي آمريڪڻ ميا خليفا اسرائيل جي بيروت تي وڏن فضائي حملن تي سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ ميا خليفا چيو ته اڄوڪين خبرن تي مان دلبرداشتا ۽ سڪتي ۾ اچي وئي آهيان، اسرائيل طرفان بيروت تي رڳو 10 منٽن ۾ 100 فضائي حملا ڪيا ويا.
هن چيو ته صيهوني رياست طرفان رهائشي عمارتن، اسڪولن، طبي مرڪزن، بي گهر ماڻهن جي ڪيمپن، ايتري تائين جو جنازن کي به نشانو بڻايو ويو ۽ منهنجي ٽيڪس جي پيسن سان اسرائيل ان نسل ڪشي کي فنڊ ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن اسپتال ۾ مان ڄائي هيس، اها اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ ملبي جو ڍير بڻجي چڪي آهي.
You might also like