ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا صحيفه جبار خٽڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تڪراري بيان جي ڪري خبرن ۾ اچي وئي.
ماضي ۾ به تڪراري بيان ڏيندڙ صحيفه هن ڀيري ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي تنقيد ڪري سوشل ميڊيا تي بحث کي جنم ڏنو آهي.
تازو ئي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ڪينيڊا منتقل ٿيڻ جي پنهنجي تجربي تي روشني وڌي.
جڏهن ان کان پڇيو ويو ته ٻاهرئين ملڪ وڃڻ کان پوءِ اڪثر پاڪستاني پنهنجو وطن ڇو ياد ڪن ٿا، ته هن سخت ردعمل ڏيندي چيو ته ڪيترائي ماڻهو ان معاملي ۾ منافقت جو مظاهرو ڪندا آهن.
صحيفه جو چوڻ هو ته جڏهن ماڻهو ٻين ملڪن ۾ رهندا آهن ته اتان جي قانونن ۽ طرز زندگي مان لطف اندوز ٿين ٿا، پر پوءِ به پاڪستان کي ياد ڪرڻ جو اظهار ڪندا آهن، جيڪو سندس نظر ۾ تضاد آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ زندگي اختيار ڪئي آهي ته ان کي اها حقيقت قبول ڪرڻ گهرجي ۽ غير ضروري شڪايتن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ماڻهو پنهنجي پراڻي طرزِ زندگي، سهولتن ۽ گهريلو نظام کي ياد ڪن ٿا، جنهن کي هو وطن جي ياد جو نالو ڏين ٿا، توڙي جو اها سوچ درست ناهي.
صحيفه جبار خٽڪ جي ان بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ٿي رهيا آهن، جتي ڪجهه ماڻهو سندس ڳالهه سان متفق آهن، جڏهن ته ڪجهه ان کي سخت ۽ غير ضروري تنقيد قرار ڏئي رهيا آهن.
You might also like