اڳوڻي خيرپور رياست جو حڪيم سيد حزب الله شاهه

پروفيسر مشتاق حسين چنا

حزب الله شاھ شڪارپور ۽ خيرپور جي هڪ مڃيل شخصيت هئا. سائين جن وڏي  پائي جا عالم،   جراح  حڪيم ۽ صوفي منش  هئا. سائين جن 30 سيپٽمبر 1930 ع تي شڪارپور ۾ سائين حڪيم سيد قطب علي شاهي جن جي گهر جنم ورتو. سائين جن جا والد پڻ پائي جا حڪيم خدا ترس شخص هئا سندن حڪمت خانو دادوائي روڊ تي گهر سان ڳنڍيل هيو، جت صبوح ٿيڻ سان  ئي سندن شفا خاني تي مريضن جو انبوه لڳڻ شروع ٿيندو هيو. انگريزن جو دور هيو ۽ ان مهل شڪارپور ۾ رڳو ٻه حڪيم هوندا هئا هڪ جڳ مشهور حڪيم فضل الله سومرو ٻيو سائين جن جو والد حڪيم سيد قطب علي شاھ. جيڪو ايڏو ماهر حڪيم هيو جو هڪ مريض کي مٿي ۾ ڪيڙا،هئا سائين جن جي دوا سان اهي جيت نڪ منجهان نڪري آيا . حزب الله شاھ پرائيمري تعليم شڪارپور جي هاٿيدر واري اسڪول ۾ پراڻي، وري سنڌي فائنل به هاءِ اسڪول شڪارپور منجهان ئي ڪئي. سندن والد بزرگوار سخت مذهبي ماڻهو هيو، کين شڪارپور جي هڪ مدرسي ۾ مولوي ٿيڻ لاءِ ويهاريو، پر کيس خبر نه هئي  ته اهو اڄ جو نينگر سڀاڻي وڏو ٿي مولانا جالل الدين رومي رحمت الله عليه وانگر مذهب جو باغي ٿي صوفي فقير ٿي ويندو.

هونئن به وڏن وڏن جراح عالمن کي جڏهن خدا جي معرفت حاصل ٿي آهي  ته انهن مذهب کي الوداع ڪري حقيقي دين الاهي اختيار ڪيو آهي. جنهن ۾ خدا جي توحيد سندس عشق، گناهن کان پاسو ۽ انسان ذات جي خدمت مرڪز هوندي آهي، ۽ مذهبي نفرت کان پاڪ هوندا آهن. توڻي جو صوفين کان وڌيڪ خدا سان پيار ڪرڻ وارو سندس فڪر ذڪر ۾ رهڻ وارو صوفين کان وڌيڪ ڪوبه نه هوندو آ. بهرحال سائين جن کي مختلف مدرسن ۾ پڙهڻ سبب ماياناز عالم دين مولانا غالم مصطفيٰ قاسمي جي درس ۾ ويهڻ به تڏهن نصيب ٿيو جڏهن پاڻ لاهور ۾ طبيه ڪاليج ۾ حڪمت جو ڪورس ڪندا هئا، ۽ مولانا احمد علي لاهوري جي درسگاهه ۾ پڻ داخلا ورتائون، جت مولانا قاسمي جن استاد هئا، ۽ سنڌ جا ڪامل ولي حضرت سائين ٻير وارا مولانا عبدالڪريم قريشي رحمت الله عليه جن پڻ درس ۾ ويهندا هئا، سو سندن هم ڪلاسي هئڻ جو شرف پڻ حاصل ٿين.

سائين جن لانئون به هڪ خدا جي ولي سائين مست علي شاھ جي گهراڻي منجهان هڪ بيبي سان لڌيون. چون ٿا سائين مست علي شاھ هڪ نهايت پهتل شخص هيو، جو انگريزن جي زماني ۾ 1935 ع جي لڳ ڀڳ جڏهن درياه بادشاهه جي ليٽ ٿي  هئي ۽ شڪارپور لڳ ڪوٽ سلطان ٻڏڻو ئي ٻڏڻو هيو  ته سائين جي دعا سان ڪوٽ سلطان ٻڏڻ کان بچي ويو، درياه بادشاھ پاسو ڪري ويو.

سائين حڪيم حزب الله شاهه کي 3 پٽن 5 نياڻين جو اولاد ٿيو . هڪ نياڻي سندن جيئري ئي فوت ٿي وئي. باقي الحمدالله حال حيات آهن. وڏو فرزند ڊاڪٽر حفيظ الله شڪارپور جي آڙ بي ٽيِيو سول اسپتال شڪارپور منجههان 2024 ۾ رٽائر ٿيا آهن. ننڍو فرزند .سائين حميد الله شاهه پڻ شڪارپور ۾ امپلائيز ويلفيئر آفيس ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ آهن. هوبهو سائين حزب الله شاهه جي صورت آهن.

سائين حزب الله شاهه جن جي گفتگو حقيقت تي ٻڌل هوندي هئي نه ڪي ڪتابن مان پڙهيل يا ٻڌ سڌ واري. سائين وڏا نبض شناس حڪيم هئا. اسان جا  ماما رفيق احمد سائين جن جي والد صاحب جي زماني ۾ ننڍا هئا  اڄ به ٻڌائي پيو  ته سندن والد سائين قطب علي شاھ به صاحب دعا هيو، نالي ۾ دوا هوندي هئي، حقيقت ۾ دعا اثر ڪندي هئي.  سائين حزب الله شاهه جي ڳالهه َڪَوڙي هوندي هئي پر تجربن ۽ مشاهدن تي ٻڌل هوندي هئي،  جنهن جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. چوندا هئا هر انسان خودغرض مطلبي آهي ۽ انسان جي ڏنگ کان بچو ان کان بچي وڃڻ ئي ڪاميابي آ. توڻي جو پاڻ انسان سان محبت ڪندا هئا ۽ هردم ماڻهن سان ملڻ لاءِ آتا ھوندا ھئا. جنهن مهل به سندن اوطاق تي سڏ ڏبو هيو ان مهل ئي لبيڪ ڪندا هئا، وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا.  ”ڇوڙو يار اور بات ڪرو“ سندن تڪيو ڪلام هوندو هيو چانهن بسڪوٽ بنا پڇڻ جي اچي ويندا هئا. صبوح جو 9 بجي هاٿي در تي ُسُبَق جي سائيڪلين جي دڪان تي ويندا هئا تقريبن منجههند هڪ تائين اتي ويهندا هئا جيڪو ظاهر ۾ سائيڪلن جو دڪان هيو حقيقت ۾ اسٽڊي سرڪل جو ڪلاس هيو علم جا پياسا اچي رسندا هئا ۽ سائين جن کي مختلف موضوعن تي ڇيڙي علم جي سمونڊ منجهه غوطا هڻندا هئا. هر ڳالهه بنا ڊپ جي چئي ڏيندا هئا وري مٿان چوندا هئا  ته سي آءِ ڊي  ته ناهيو. سڀ چون نه سائين نه الله  پناه ڏي. اهو به ڄڻ تڪيه ڪلام هين.  سندن گفتگو تاريخ، مذهب، سياست، سماجيات ۽ ادب جي تجزئي تي ٻڌل هوندي هئي. پر چوندا هئا ماڻهن جي اها اپروچ ئي ناهي. هروڀرو ٿو مٿو هڻان. هڪ دفعو پڇيو مان فلاڻو  ته پاڙي جو ٿَوَ  روز ٿو اوهان جي خدمت ۾ اچي، وڏو پرايو هوندائين،  ته چيائين ڌوڙ پئي ٿس ، مون چيو ڇو سائين خير  ته آهي؟  ته چيائين، منهنجو هڪ تاريخ جو ڪتاب زوريءَ کڻي ويو،  وري واپس ڏيڻ کان ٻرو. خير سورن سان ڪتاب واپس ڪيائين،  ته پڇيومانس ڪيئن لڳو ڪتاب؟  ته چيائين ٻيو  ته سڀ ٺيڪ هيو پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي،  مان خوش ٿيم   ته وڏو ڪو نُڪتو ڪڍيو ٿئين.  پڇيومانس ڪهڙي؟  ته چيائين نادر شاهه جو سسين جا مينار ٺهرايا  ته پوءِ سسين ڌپ نه ڪئي هوندي! ، مون کڻي پمهڻجي مٿي تي ڌڪ هنيو  ته ڪنھن کي ڏنو هيم ڪتاب! ڳالهه ڪري وري خطرو ڏسي ڦري ويندو هيو. صوفي  ته هيو چوندو هيو سڀ  ڪجهه اهو ٿو ڪري، تنهنجي هٿ ۾  ڪجهه به ناهي.  ماءُ جي پيٽ ۾ ڪنهن سار لڌئي! توکي  ته ضرورتن جي خبر به نه هئي.  اڄ جڏهن عقل اچي ويو ٿي  ته سمجهين ٿو سڀ  ڪجهه تون ٿو ڪرين! يفعل ما يشآء يعني جيڪو چاهيندو آ سو ڪندو آ  عورت جي عظمت جا تمام گهڻا قائل هئا.

سائين جن چوندا هيا ته مذهبن، عقيدن ۽ شخصيتن کي مڃڻ وڏي ڳالهه ناهي هوندي، وڏي ڳالهه انهن مذهبن، عقيدن ۽ شخصيتن جي تعليم تي هلي سگهڻ هوندو آهي. يعني سائين جن عمل کي گهڻو پسند ڪندا هيا ۽ عمل جي پرچار ڪندا هيا.

اهو علم جو خزانو اسان کان 4 سيپٽييمبر 2007 ع تي هميشه لاءِ  وڇڙي ويو. کيس شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد واري وڏي قبرستان ۾ دفنايو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.