شهيد آيت الله علي خامنه اي ۽ فوجي ڪمانڊرن جو چاليهو، ايران ۾ عوامي سمند اُٿلي پيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني راڄڌاني تهران سميت سڄي ملڪ ۾ ڪروڙين ايرانين اڳوڻي سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي، اعليٰ فوجي ڪمانڊرن ۽ ميناب اسڪول جي ٻارن جي چاليهي جي مناسبت سان ريليون ڪڍيون.
ايراني ميڊيا موجب، خميس جي صبح شروع ٿيندڙ مرڪزي ريلي جمهوري اسڪوائر کان آيت الله خامنه اي جي شهادت واري هنڌ تائين ڪڍي وئي.
ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ضلعن ۾ به ريليون ڪڍيو ويو ۽ ميڙاڪا ڪوٺايا ويا.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان به سيد علي خامنه اي جي چاليهي واري جلوس ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران ايراني شهري کيس گهيري ورتو ساڻس گڏ سيلفيون پڻ ڪڍرايون.
واضح رهي ته آيت الله خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي پهرئين ڏينهن پنهنجي ڪجهه گهرڀاتين سميت شهيد ٿي ويو هو.
ان کانسواءِ ايران جا ڪيئي اعليٰ فوجي ڪمانڊر ۽ صلاحڪار پڻ شهيد ٿيا هئا جن ۾ ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي، ريئر ايڊمرل علي شمخاني ۽ ميجر جنرل محمد پاڪپور شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.