ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ دوران امن ڪوششن تحت تهران ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسپين جي پرڏيهي وزير خوسي مانوئيل الباريس خميس ڏينهن صحافين سان گفتگو ۾ چيو ته مان تهران ۾ مقرر پنهنجي سفير کي واپس وڃي ذميواريون سنڀالڻ ۽ سفارتخانو ٻيهر فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته مان تهران ۾ پنهنجي سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو واپس وڃي، پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي ۽ اسان جو سفارتخانو کولي ته جيئن اسان هر ممڪن سطح تي امن جي ڪوششن ۾ شامل ٿي سگهون.
You might also like