ڪرس گيل جو رڪارڊ چٽ، ڪنگ بابر ٽي ٽوئنٽي ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ڪراچي)ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پاڪستان سپر ليگ ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندڙ بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 12 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
پاڪستاني اسٽار بيٽر اِهو ڪارنامو پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ دوران انجام ڏنو، بابر 338 اننگز ۾ 12 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون مڪمل ڪيون.
بابر اعظم 345 اننگز ۾ 12 هزار رنسون ٺاهيندڙ ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪرس گيل جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
ويراٽ ڪوهلي 360، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 368 اننگز ۾ 12 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.
واضح رهي ته بابر اعظم 12 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 12 هون جڏهن ته ٻيو پاڪستاني پليئر آهي.
ان کان اڳ پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ به اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.