فيلڊ مارشل جي وزيراعظم سان ملاقات، خطي ۾ امن لاءِ ٽياڪڙ وارو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان طرفان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٽياڪڙ وارو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ پاڪستان طرفان ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل تازي ڇڪتاڻ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ڌرين تي جنگبندي برقرار رکڻ ۽ صبر جو مظاهرو جاري رکڻ تي زور ڏنو.
ملاقات ۾ پاڪستان پاران خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٽياڪڙ وارو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو .
پڌرائي موجب، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سمورن ڌرين طرفان صبر ۽ برادشت جي واکاڻ ڪئي، وزيراعظم ان عمل ۾ شامل ڌرين جي عزم کي به ساراهيو.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ امن جي ڪوششن ۾ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون ويون .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.