ايران جنگ اسان جي جنگ نه هئي، منهنجو ڪم برطانيا جي حفاظت ڪرڻ هو: ڪيئر اسٽارمر

رياض (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ايران جنگ اسان جي جنگ نه هئي.
سعودي عرب پهچڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي برطانوي وزيراعظم چيو ته آمريڪا ايران جنگبندي ٿي وئي آهي پر اڃا تمام گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي.
هن چيو ته جنگبندي کي مستقل بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، اسان سڀ جهڙو امن ڏسڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ اڃا ڪم باقي آهي.
ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ هو ته هيءَ جنگ اسان جي جنگ نه هئي، منهنجو ڪم برطانيه جي حفاظت ڪرڻ هو، آبناءِ هرمز جو کليل هئڻ گهڻو اهم آهي ان لاءِ ڪيترن ئي ملڪن کي گڏ ڪري رهيا آهيون، هاڻي سعودي عرب ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.