پاڪستاني معيشت لاءِ نازڪ موڙ، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي طوفان جا خطرا

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ تڪرار پاڪستان جي معيشت ۽ سفارتڪاريءَ کي انتهائي نازڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌڻ ۽ ملڪي خزانو خالي هجڻ سبب پاڪستان هڪ گهري معاشي بحران جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي.  پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي توانائي جو 90 سيڪڙو تيل برآمد ڪري ٿو. جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جا اگهه 300 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويا ته حڪومت وٽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪو جادوئي چراغ ناهي. حڪومت پيٽرول جي بچت لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ آفيسن توڙي اسڪولن کي آن لائن ڪرڻ جهڙا قدم کنيا آهن. ان کان سواءِ، مستحق موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ماهوار تيل سبسڊي جو به اعلان ڪيو ويو آهي. معاشي ماهر ڊاڪٽر اختر افضل ڊجيٽل پروگرام ۾ ڳالهائيندي مهانگائي جي طوفان بابت خبردار ڪيو ته ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 12 کان15 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته ملڪ اهڙي صورتحال ڏانهن وڌي رهيو آهي جتي هڪ طرف مهانگائي هوندي ۽ ٻئي طرف معاشي ترقي رڪجي وڃڻ ڪري نيون نوڪريون ختم ٿي وينديون. سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ سان روزاني جي بنياد تي ڪم ڪندڙ مزدورن، ويٽرن، ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ ننڍن دڪاندارن جي آمدني سخت متاثر ٿيندي. اسڪول ۽ ڪالج بند ڪري آن لائن تعليم ڏيڻ سان نسل جو وڏو تعليمي ۽ علمي نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪويڊ کانپوءِ ٻيهر هڪ وڏو چئلينج آهي. ڊاڪٽر اختر افضل تجويز ڏني ته حڪومت کي بنگلاديش جيان پيٽرول راشننگ جو نظام متعارف ڪرائڻ گهرجي، جنهن تحت گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ تيل جي هڪ حد مقرر ڪئي وڃي ته جيئن درآمدي بل تي ضابطو اچي سگهي ۽ ڊالر جي کوٽ کان بچي سگهجي. ماهرن موجب، پاڪستان کي پنهنجي توانائي کي درآمدي تيل مان ڪڍي مقامي ذريعن، خاص طور تي سولرائيزيشن ۽ اليڪٽرڪ گاڏين ڏانهن منتقل ڪرڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي غريب طبقن کي مهانگائي جي تناسب سان وڌيڪ مالي مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.