ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي انتظامي نااهلي ۽ آفيسرن جي تڪرارن سبب ساڍن ٽن لکن کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو، امتحان جي شروعات جي باوجود بورڊ نه ته ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪري سگهيو ۽ نه ئي امتحاني مرڪزن جو مسئلو حل ڪري سگهيو، ميڊيا رپورٽن موجب بورڊ جي ٻن اعليٰ آفيسرن، چيئرمين ۽ اڳوڻي ڪنٽرولر جي وچ ۾ سينٽر فڪسيشن تي شديد اختلاف پيدا ٿيا، جنهن سبب 16 مارچ تي ڪنٽرولر کي عهدي تان هٽايو ويو، پر نئون ڪنٽرولر مقرر نه ٿيڻ سبب انتظام مڪمل طور بند ٿي ويا، بورڊ جي ڪوشش، ايڊمٽ ڪارڊ ‘ڊجيٽل پورٽل’ ذريعي جاري ڪرڻ جي به ناڪام رهي، ڇو ته پورٽل ٽيڪنيڪل خرابيءَ جو شڪار ٿيو، ايڊمٽ ڪارڊ جي عدم دستيابي سبب امتحان ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا، هزارين شاگرد، والدين ۽ اسڪولن جا نمائندا بورڊ آفيس پهتا، جتي شديد بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي، هڪ لک کان ڏيڍ لک شاگرد اڃا تائين ايڊمٽ ڪارڊ حاصل نه ڪري سگهيا ۽ نه ئي انهن کي امتحاني مرڪزن جي خبر آهي، ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ٿيڻ ۽ سينٽرن جي معاملي تي ساڍا تي لک شاگردن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو، ٻئي پاسي شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊن جي جاري نه ٿيڻ ۽ آن لائن پهچ ۾ ناڪامي تي سنڌ جي تعليمي بورڊن واري وزير محمد اسماعيل راهو چيئرمين ميٽرڪ بورڊ ڪراچي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي انتظاميا جي غفلت سبب شاگردن ۽ والدين ۾ سخت ڳڻتي پيدا ٿي رهي آهي ۽ هن صورتحال تي ٽن ڏينهن اندر وضاحت پيش ڪئي وڃي. محمد اسماعيل راهو چيو ته ايڊمٽ ڪارڊن جي فراهمي ۾ دير سبب هزارين شاگرد ۽ والدين سخت ذهني پريشاني ۽ غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿيا آهن، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل آفيسرن، خاص طور تي آئي ٽي ٽيم ۽ لاڳاپيل عملي تي لاڳو ٿئي ٿي، ڪوتاهين جو ازالو ڪيو وڃي.