نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري تي ڀارت ۾ پٽڪو پئجي ويو، ڀارتي تجزئي نگارن ۽ سياستدانن وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تعريف ٻڌي نريندر مودي تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي.
هڪ تجزئي نگار چيو ته 10 سال اڳ اڙي ۾ ٿيل واقعي تي نريندر مودي چيو هو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏينداسين، اڄ سفارتڪاري جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو آهي ۽ ڀارت ۽ نريندر مودي جو نالو نشان ناهي.
ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس به مودي کي نه بخشيو، ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري اطلاعات جي رام رميش چيو ته جنگبندي ۾ پاڪستان جي شموليت ڀارت جي ان پراڻي پاليسي کي ڪمزور ڪري ٿي، جنهن تحت اسلام آباد کي دهشتگردي جي معاملي ۾ عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن آپريشن سندور تي به وضاحت طلب ڪئي ۽ مودي تي الزام هنيو ته هن مئي 2025 ۾ اوچتو جنگ ختم ڪرڻ جي ڪڏهن مناسب وضاحت پيش نه ڪئي.
Next Post
You might also like