مهانگي پيٽرول کان تنگ ٽريفڪ پوليس اهلڪار سائيڪل هلائڻ لڳو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٿيل وڏي واڌ عام شهرين سان گڏوگڏ هاڻي سرڪاري ملازمن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار پيٽرول جي وڌندڙ اگهن کان تنگ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي اچڻ وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل بدران سائيڪل جو استعمال شروع ڪري ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار امتياز جو چوڻ آهي ته پيٽرول ايترو ته مهانگو ٿي ويو آهي جو هاڻي سفري خرچ برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهن، ان ڪري هن خرچ گهٽائڻ لاءِ سائيڪل تي ڊيوٽي تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي پاسي، ايس ايس يو ڪمانڊوز پڻ پيٽرول جي مهانگائي ۽ رستن جي بدحالي تي شڪايتون ڪيون آهن. اهلڪارن جو چوڻ آهي ته رستن جي خرابي سبب سندن گاڏيون جلد خراب ٿي وڃن ٿيون ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ ڪري کين سخت مالي مشڪلاتن جو سامنا آهي. پوليس اهلڪارن حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته کين هن بحران ۾ ڪجهه رليف ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڊيوٽي بنا ڪنهن ذهني دٻاءُ جي سرانجام ڏئي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.