غريب مري رهيو آهي،حڪمران عياشين ۾ مست آهن\قومي اسيمبلي ۾ تقريرون

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ٻئي ڏينهن به پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي دونهيندار تقريرون،اپوزيشن جو سخت احتجاج،جي يو آءِ جي نورعالم خان خطاب ڪندي چيو ته جڏهن ڊيزل اوچتو ساڍا پنج سئو رپيا ٿي وڃي يا هڪدم ٽي سئو رپيا وڌايو وڃي، ته هاري ڇا ڪندو؟ مهرباني ڪري مون کي ڪو رستو ٻڌايو.مان ناڻي واري وزير ۽ پيٽروليم واري وزير کان پڇڻ ٿو چاهيان ته جڏهن توهان وٽ اڳ ئي 28 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جو ڪافي ذخيرو موجود هو، ته پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن ۾ 55 رپيا واڌ ڇو ڪئي وئي؟ ان جي ڪا به وضاحت نه ڏني وئي،هن چيو ته ان فيصلي جو فائدو صرف پيٽروليم ڪمپنين ۽ پيٽرول پمپ مالڪن کي ٿيو، جڏهن ته غريب ماڻهو، هاري ۽ نوڪري پيشه طبقو تباهه ٿي ويو. رات ٻارهين وڳي کان وٺي سڀ ماڻهو قطارن ۾ بيهي ويا، اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟جڏهن ڊيزل مهانگو ٿيندو آهي ته هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي آهي، دوائون، اٽو، گيهه، دالون، بجلي سڀ ڪجهه مهانگو ٿي وڃي ٿو. ڇو ته جڏهن توهان آئي پي پيز کي مهانگو ايندھن ڏيندا، ته اهي بجلي به مهانگي ڪندا،هن چيو ته گريڊ 4 کان وٺي گريڊ 16 يا 17 تائين جيڪي ماڻهو آهن، اهي غريب آهن. انهن کي ڇو سزا ڏني پئي وڃي؟ جيڪڏهن ڪٽوتي ڪرڻي آهي ته مٿين گريڊ وارن کان ڪريو، ڇو ته انهن وٽ گاڏيون آهن، پيٽرول مفت آهي. پر غريب ماڻهو سائيڪل يا موٽر سائيڪل تي هلن ٿا.هڪ عام ماڻهو جي پگهار 20 هزار رپيا آهي. ان مان هن کي اٽو وٺڻو آهي، بجلي جو بل ڀرڻو آهي، گيس جو بل ڀرڻو آهي اهو ڪيئن گذارو ڪري؟ هن چيو ته بدقسمتي سان، جڏهن ماڻهو اپوزيشن ۾ هوندا آهن ته عوام ياد هوندي آهي، پر جيئن ئي حڪومت ۾ ايندا آهن ته عوام کي وساري ڇڏيندا آهن. کين نه الله جو خوف هوندو آهي، نه قبر ۾ پڇاڻي جو ڊپ هوندو آهي.اسان جون پاليسيون صرف ٻن ٽن سالن لاءِ نه هئڻ گهرجن، ڊگهي مدي واريون هئڻ گهرجن. بدقسمتي سان، اسان وٽ حقيقي معاشي ماهر نه آهن. اڳي محبوب الحق جهڙو ماهر هو، جنهن عالمي سطح تي به ڪم ڪيو، پر هاڻي صرف بينڪر آندا وڃن ٿا، جيڪي صرف وياج ۽ انگ اکرن تائين محدود آهن.پي ٽي آءِ جي جنيد اڪبر چيو ته ڪورونا ۾ هينئر کان به خراب حالتون هيون پر تڏهن حڪومت عوام جي ووٽن سان آئي هئي ان ڪري عوام جو سوچي رهي هئي،جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ پيٽرول 71 ڊالر في بيرل هو،اڄ 107 ڊالر في بيرل اگهه آهي،حڪمران پاڻ ته پنهنجا خرچ گهٽ ڪن،هن چيو ته اسان جي دور ۾ ميڊيا روز ٽماٽي،پٽاٽي ۽ پيٽرول جا اگهه سروي ڪري ٻڌائيندي هئي پر اڄ بدقسمتي سان ميڊيا به عوام ۾ نه پئي وڃي،هن چيو ته سڄي دنيا ۾ بحران آهي پر ڪنهن به ملڪ ان ريشو سان تيل اگهه نه وڌايا آهن،پي ٽي آءِ جي ثناءُ الله مستي خيل چيو ته 10 ڪروڙ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي،پنجاب ۾ 30 سيڪڙو ماڻهو هڪ ويلي جي ماني کائي رهيا آهن،لاهور ۾ گئس لوڊشيڊنگ هلي رهي آهي،پي ٽي آءِ جي عاطف خان چيو ته مان ننڍي هوندي کان ٻڌندو اچان ته”ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي،عوام کي گذارڻو ڪرڻو پوندو“اسان جي عمر گذري وئي نه اهو نازڪ دور ختم ٿيو نه عوام جي حالت تبديل ٿي،هن چيو ته اصل مسئلو پاليسين جو آهي،گهڻا ملڪ وسيلا نه هئڻ باوجود اڳتي وڌي ويا،اسان هائيڊل پاور رٿائن تي ڌيان نه ڏنو،جڏهن اضافي بجلي آهي ته آءِ پي پيز جا معاهدا ڇو ڪيا ويا؟لوڊشيڊنگ 14 ڪلاڪ کان وڌي وئي آهي،هن چيو ته دنيا ۾ عوام جي ووٽن سان آيل حڪومتن عوام کي رليف ڏنو،اسان وٽ اهي ئي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز آهن،جنگي حالتن ۾ پيٽروليم ليوي ته ختم ڪريو،جنگ ۾ توهان ڪمائڻ جي ڪوشش نه ڪريو،هن چيو ته غريب ماڻهن کي هن ملڪ ڪجهه ناهي ڏنو پر منهنجي خيال ۾ اهي سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني هوندا آهن،جيڪي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي رهيا آهن اهي ته ڪجهه نٿا ڏين،ڪالهه به دبئي ليڪس جي خبر آئي آهي،اربين رپين جون جائيدادون آهن،جيڪي بدمعاشي ڪن ٿا، ڪرپشن ڪن ٿا انهن اميرن جو ته هن ملڪ ۾ ڪو اسٽيڪ ئي ناهي،هن چيو ته ضروري ناهي سدائين غريب عوام گذارو ڪري،پوءِ پنجاب جي وزيراعليٰ،وزيراعظم کي به گذارو ڪرڻو پوندو،جيستائين جنگي حالتون آهن،مريم نواز عوام جي پئسن مان جهازن ۾ سفر نه ڪري،پي ٽي آءِ جي اقبال آفريدي چيو ته ايران مان 15 رپين وارو پيٽرول ڇو نه پيا وٺو؟ڪفايت شعاري جي ڳالهه ڪري جهاز ۽ نيون گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن،ڪو سبب ته ٻڌايو ته پيٽرول ڊيزل ڇو مهانگو ڪري رهيا آهيو؟جمال باديني چيو ته ايران مان اسان کي 40 رپيا ليٽر تيل ملي وڃي ٿو،اهو تيل اسان پاڪستان لاءِ ڇو نٿا وٺون،بارڊر مليل آهي،ٽرانسپورٽ جو به مسئلو ناهي،پ پ جي شرميلا فاروقي چيو ته پيٽرول اگهن تي اسان کي گاريون ملي رهيون آهن،پيٽروليم واري وزير جو جواب مطمئن ڪندڙ ناهي،پوري خطي ۾ اگهه وڌائڻ وارو پاڪستان پهريون ملڪ آهي،پي ٽي آءِ جي شهرام ترڪئي چيو ته حڪومت جي بي حسي ان جي پاليسين مان ظاهر ٿئي ٿي، ۽ اقربا پروري ۽ فضول خرچي ان جي خرچن مان صاف نظر اچي ٿي.اسان مڃون ٿا ته دنيا ۾ هن وقت مسئلا آهن، توانائي جو بحران آهي، مهانگائي آهي، پر پاڪستان ۾ گذريل ٻن ٽن سالن کان جيڪي حالتون آهن ۽ هاڻي جيڪي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن توهان انگ اکر ۽ پاليسيون ڏسو ته ڪٿي به نظر نه ايندو ته هي حڪومت عوام جي چونڊيل حڪومت آهي.توهان پيٽرول جون قيمتون وڌايون آهن. اوهان پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ افغانستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا ۾ قيمتون ڏسو، پوءِ پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪريو. انهن بحران ۾ پنهنجي ماڻهن کي رليف ڏنو، جڏهن ته توهان بار وڌايو.هن چيو ته مسئلو اهو آهي ته توهان ٽيڪس گڏ نٿا ڪري سگهو، تنهن ڪري پيٽرول مهانگو ڪيو ٿا. ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، روزگار ختم ٿي رهيو آهي، پر حڪمرانن جي عياشين ۾ ڪا گهٽتائي ناهي.جيٽ جهاز خريد ڪيا پيا وڃن، پرڏيهي دورا ڪيا پيا وڃن، ٻاهرين پائلٽ رکيا پيا وڃن ۽ اهي سڀ پاليسيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته توهان کي عوام جي پرواهه ناهي،هن چيو ته جڏهن عمران خان 2 رپيا پيٽرول مهانگو ڪيو ته توهان شور مچايو، ۽ هاڻي جڏهن 200 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي ته ڇا اسان اهو نه چئي سگهون؟حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.