ڪراچي (رپورٽر) حيدرآباد ۾ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪندي منظم نيٽ ورڪ کي وائکو ڪيوويو، ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪارروائيڊائريڪٽر ڪراچي زون جي هدايتن تي عمل ۾ آندي وئي، جيڪا فائر رپورٽ نمبر 118/2026 جي بنياد تي ڪيل هئي، اطلاع تي مفرور جوابدار جي موجودگي جو پتو لڳايو ويو ۽ حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ واقع رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ويو، جوابدار حازق هارون ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو انساني اسمگلنگ ۽ اسمگلنگ نيٽ ورڪ هلائڻ ۾ ملوث هو.
-
ايف آءِ اي جي ڪارروائي، آذربائيجان رستي يورپ ويندڙ 2 بنگلاديشي شهري گرفتار
ڪراچي (رپورٽر ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) اميگريشن پاران بروقت ڪارروائي ڪندي پاڪستان کي ٽرانزٽ پوائنٽ بڻائي آذربائيجان جي رستي يورپ پهچڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ترجمان ايجنسي موجب ٻن بنگلاديشي شهرين، محمد راجو ۽ شاهد کي روڪيو ويو، جيڪي بنگلاديش کان سياحتي ويزا تي ڪراچي پهچي رهيا هئا، اميگريشن ڪليئرنس دوران انهن جي بيانن ۾ تضاد ڏٺو ويو، جتي مسافرن چيو ته اهي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا، پر جاچ دوران اها شادي جعلي ثابت ٿي، مسافرن جا موبائل فون ضبط ڪيا ويا، جن مان واٽس ايپ گروپ چيٽ ۽ ٻيا شواهد حاصل ٿيا، جنهن ۾ آذربائيجان جي رستي يورپ سفر جي منصوبابندي ظاهر ٿي.