اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ايران جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ پيٽروليم بحران ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ تي سياسي اڳواڻن ۽ عوام پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پيٽروليم ليوي جا هدف پورا نه ڪيا ويا ته ملڪ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي ڊفالٽ ۾ هليو ويندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته تيل عالمي سطح تي مهانگو ٿيو آهي ۽ جنگي حالتن سبب تيل جي پهچ ۾ وڏيون رنڊڪون اچي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته جيڪو جهاز 10 ڏينهن ۾ پهچندو هو، اهو هاڻي 40 ڏينهن ۾ پهچي رهيو آهي. متبادل طور آفريڪا، لبيا ۽ آمريڪا تان تيل گهرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي پر ان جي لاڳت تمام گهڻي آهي. وفاقي وزير اعتراف ڪيو ته حڪومت واپارين ۽ آبادگارن کان ٽيڪس اوڳاڙڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن ڪري عام ماڻهن تي شين جي قيمتن ذريعي 60 کان 70 سيڪڙو ٽيڪس جو بار وڌو وڃي ٿو. ميزبان حامد مير جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيٽرول جي بحران کان وڌيڪ ڊالر جو بحران خطرناڪ هوندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ کي ساليانو 30 ارب ڊالرن جي ضرورت پوي ٿي ۽ آءِ ايم ايف جي سرٽيفڪيٽ کانسواءِ عالمي منڊي مان قرض ملڻ ناممڪن آهي. ٻئي طرف اپوزيشن پاران حڪومت خلاف احتجاج جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ 9 اپريل ۽ مولانا فضل الرحمان 12 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن جنگ ختم نه ٿي ته نه رڳو قيمتون وڌنديون پر ملڪ مان تيل جو ذخيرو به ختم ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.