تيل اگهن ۾ واڌ خلاف عوامي تحريڪ جو جروار ۾ احتجاج

جروار(پ ر) تيل جي قيمتن ۾ ڪيل هٿرادو ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران مٿان مڙهيل جنگ خلاف عواميتحريڪ پاران جروار شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي ۽ شريف گبول ڪئي. احتجاج ۾ شامل ڪارڪنن پاران حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ عالمي سامراجي قوتن خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪمرانن جنگ جو بهانو بڻائي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هي رڳو قيمتن ۾ واڌ ناهي پر غريب عوام جو معاشي قتل عام آهي جنهن کين خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته حڪمرانن کي ملڪ جي عوام کان وڌيڪ تيل جي عالمي ڪمپنين، آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ، آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن جي پرواهه آهي. حڪمران عالمي مالياتي ادارن جا منشي بڻيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.