ايران ۾ ڪريل آمريڪي پائليٽ ننڍي غار ۾ لڪي ايرانين کان پاڻ بچايو

واشنگٽن(ع آ نيوز) ايران ۾ ڪيرايل آمريڪي ايف-15 اي فائٽر جيٽ جي ٻئي پائلٽ کي بچائڻ لاءِ آمريڪي بچاءُ آپريشن جون تفصيل سامهون آيا آهن. آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب، آمريڪي فوجن بچاءُ آپريشن دوران غير معمولي هوائي ۽ زميني طاقت استعمال ڪئي. رپورٽ موجب، زخمي پائلٽ ڏکڻ اولهه ايران جي جبل واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڏينهن تائين هڪ ڏار ۾ لڪي رهيو هوجڏهن ته ايراني فورسز ۽ مليشيا هيلي ڪاپٽر ۽ ڊرون استعمال ڪندي سندس ڳولا ۾ مصروف هئا. آمريڪي پائلٽ زمين تي لهي ويو ۽ پنهنجو ايمرجنسي بيڪن چالو ڪيو، جنهن اختيارين کي ثبوت ڏنو ته هو زنده آهي، پر بعد ۾ انهن کي پائلٽ کي ڳولڻ ۾ ڪجهه مشڪلاتن جو سامنا ٿيو. پائلٽ هڪ موقعي تي ‘خدا سٺو آهي’ پيغام موڪليو. آچر جي صبح، شديد فائرنگ ۽ هوائي حملي کان پوءِ، آمريڪي ڪمانڊوز پائلٽ تائين پهتا، جيڪو ايران جي اندر تقريباً 200 ميل اندر هو، ۽ کيس محفوظ طور تي ڪڍي ورتو. انهيءَ دوران، حساس ٽيڪنالاجي کي دشمن جي هٿن ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ زمين تي موجود آمريڪي جهازن کي به تباهه ڪيو ويو.

  1. پيٽرول پمپن تي ڊجيٽل فيول مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت پيٽرول پمپن تي ڊجيٽل فيول مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پيٽروليم بحران کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جي ذريعن موجب وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي حڪومت پيٽروليم بحران سان منهن ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي، ذريعن موجب شهرين کي ذاتي گاڏين لاءِ پيٽرول جو ڪوٽا مقرر ڪيو ويندو، آءِ ٽي وزارت پيٽرول پمپن کي فراهم ڪرڻ لاءِ موبائل فونن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، جڏهن ته فيول مينيجمينٽ لاءِ تيار ڪيل ايپليڪيشن جي ٽيسٽنگ به مڪمل ٿي چڪي آهي، منصوبي بابت سمورا تفصيل آءِ ٽي واري وزارت طرفان ڪابينا ڊويزن کي موڪليا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپس کي ڏنيون ويندڙ موبائل فونن جي قيمت لڳ ڀڳ 72 هزار رپيا هوندي، جڏهن ته ان جو خرچ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون برداشت ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.