واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)سڄي دنيا ۾ ايراني سفارتخانن پاران ڌمڪين کي سنجيده وٺڻ بدران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيطنزيه ردعمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.زمبابوي ۾ سفارتخاني هرمز کولڻ بابت ٽرمپ جي فرمائش تي جواب ڏيندي لکيو ته “چاٻي گم ٿي وئي آهي.” ڊيڊ لائين واري ڌمڪي تي به سفارتخاني ٽرمپ کان وقت اڳتي پوئتي ڪرڻ جي طنزيه درخواست ڪئي.بلغاريا ۾ ڪارٽون ذريعي ٽرمپ کي آبناءِ هرمز جي تنگ رستي ۾ ڦاٿل ڏيکاريو ويو.تاجڪستان جي سفارتخاني ٽرمپ کي ايران جي حوالي سان اهڙي انداز ۾ ڏيکاريو جنهن ۾ ايران کي سندس ڳلي ۾ اٽڪيل ڏيکاريو ويو ۽ ان کي سندس بي ادبي سان جوڙيو ويو.انڊونيشيا ۾ ايراني سفارتخاني آمريڪي جهازن جي ايران آمد ۽ پوءِ تباهي جي وڊيو شيئر ڪندي ٽرولنگ ڪئي.آرمينيا ۾ به وڊيو ذريعي ٽرمپ جي جنگي پاليسين کي عالمي توانائي بحران سان ڳنڍي پيش ڪيو ويو۔