ايران تي حملن ۾ وڌيڪ 10 ٻار شهيد، اسرائيل به ڌماڪن سان لڏي ويو

تهران/تل ابيب(ع آنيوز) ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾  10 ٻارن سميت 34 ايراني شهيد ٿي ويا ايراني حملن ۾ مرڪزي اسرائيل جا ڪيترائي علائقا ڌماڪن سان لڏي ويا. گذريل رات کان لبنان ۽ ايران کان مسلسل حملي ڪيا ويا آهن، حيفا ۾ ميزائل حملي ۾ تباهه ٿيل عمارت جي ملبي مان 4 لاش ڪڍيا ويا آهن. اسرائيلي شهر حيفا ۾ ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملي کان پوءِ بچاءُ ٽيمن ملبي هيٺان دفن ٿيل 4 ماڻهن جا لاش ڪڍيا آهن، جڏهن ته هڪ ٻئي حملي ۾ وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ نقصان وڌي ويو. ريسڪيو عملدارن موجب، سومر تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هلندڙ هڪ ڏکي آپريشن کان پوءِ ٻن ماڻهن کي ملبي مان ڪڍيو ويو، ۽ هڪ 40 سالن جي مرد ۽ هڪ 35 سالن جي عورت جا لاش به بعد ۾ ڪڍيا ويا، آخري لاش حملي کان تقريبان 18 ڪلاڪن بعد ڪڍيو ويو. اسرائيل ۾ ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملي ۾ 7 ماڙ عمارت ڪري پئي، 4 زخمي شروعاتي طور تي چار ماڻهن جي گم ٿيڻ جي اطلاع ڏني وئي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر ٿيل عمارت کي سخت نقصان پهتو هو ۽ ان جي ڪري تباهه ٿيڻ جو خطرو هو. تحقيق موجب، ميزائل جو وار هيڊ، جنهن ۾ سوين ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو هو، ٽڪرجڻ تي نه ڦاٽو، پر تيز رفتار (ڪائنيٽڪ انرجي) عمارت جي ڪيترن ئي منزلن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله پاران هڪ ٻيو اسرائيلي سپاهي مارجي ويو ريسڪيو عملدارن موجب، جيڪڏهن وار هيڊ ڦاٽو هجي ها ته نه رڳو پوري عمارت پر آس پاس جا گهر به مڪمل طور تي تباهه ٿي سگهن ها. ريسڪيو عملدارن آپريشن کي جنگ دوران سڀ کان ڏکيو قرار ڏنو، ڇاڪاڻ ته عمارت جي وڌيڪ ڪري پوڻ جو خطرو هو. اسرائيلي فوج جي مطابق، ميزائل هوا ۾ ٽڪرن ۾ ٽٽي پيو، جنهن جي ڪري ان جو رستو تبديل ٿي ويو ۽ دفاعي نظام ان کي نشانو بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. ٻيو حملو سومر جي صبح ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ٻيو ايراني ميزائل ساڳئي علائقي تي حملو ڪيو، هن ڀيري ڪلسٽر وار هيڊ استعمال ڪندي، چار ماڻهو زخمي ٿيا، ان کان علاوه مختلف هنڌن تي ننڍا ڌماڪا ٿيا، جن گاڏين کي نقصان پهچايو ۽ باهه لڳائي. ايران 28 فيبروري کان وٺي 500 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن، جن مان ڪيترائي آبادي وارن علائقن ۾ ڪريا آهن، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن. بچاءُ عملدارن موجب، حملن ۾ گهڻا ماڻهو محفوظ هئا ڇاڪاڻ ته اهي بم پناهه گاهه ۾ هئا، جڏهن ته جيڪي مري ويا اهي محفوظ ڪمرن ۾ نه هئا. ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جي انٽيليجنس آرگنائيزيشن جو سربراهه ماجد خادمي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. پاسداران انقلاب تصديق ڪئي آهي ته ميجر جنرل ماجد خادمي اڄ صبح حملي ۾ شهيد ٿيو. ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان چيو آهي ته ايراني ايئر ڊفنيس سسٽم گذريل شام خارگ ٻيٽ ڀرسان آمريڪي لوڪس ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو، ڊرون کي زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنگ دوران دشمن جي ڪيرايل ڊرونز جو انگ 163 ٿي ويو آهي. عراقي ويڙهاڪن آمريڪي اڏن تي حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو.ايراني ميڊيا موجب، عراقي ويڙهاڪ طرفان ڪويت، اردن ۽ شام ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪتائب حزب الله عراق جي سيڪريٽري جنرل ابو حسين الحميداوي جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سڀني لاءِ هوندي يا ڪنهن لاءِ به نه هوندي، جيڪڏهن آبناءِ هرمز کي طاقت ذريعي کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته تيل ۽ گئس ناپيد ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.