ايران ظاهري طور تي آمريڪي تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو

تهران(م ڊ) ايران جنگ بندي بابت آمريڪي تجويزن تي پاڪستان کي پنهنجو جواب موڪليو آهي. ايراني ميڊيا موجب، ايران جي جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايراني ميڊيا موجب، ايران زور ڏئي رهيو آهي ته جنگ جو مستقل ۽ مڪمل خاتمو ضروري آهي. رپورٽ موجب، ايران جي جواب ۾ 10 نقطا پڻ شامل آهن. ايران جي 10 نقطن ۾ علائقي ۾ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ آبناءِ هرمز ذريعي محفوظ گذرڻ لاءِ هڪ طريقو شامل آهي. ايران جي 10 نقطن ۾ عالمي پابنديون هٽائڻ ۽ آمريڪا-اسرائيلي حملن جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي ٻيهر تعمير پڻ شامل آهي..

  1. هڪ سال ۾ پيٽرول   48 ۽ ڊيزل اگهه ۾ 101 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)هڪ سال ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي. جي نيوز موجب دستاويزن مطابق پيٽرول جي قيمت ۾ 48.61 سيڪڙو ۽ ڊيزل ۾ 101.18 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب هن وقت في ليٽر پيٽرول 378 رپيا 41 پئسا ۽ ڊيزل 520 رپيا 35 پئسا ٿي چڪو آهي. رپورٽمطابق 6 اپريل 2025 تي پيٽرول 254 رپيا 63 پئسا في ليٽر هو، جيڪو هڪ سال بعد وڌي 378 رپيا 41 پئسا ٿي ويو.ساڳي طرح 6 اپريل 2025 تي ڊيزل 258 رپيا 64 پئسا في ليٽر هو، جيڪو هڪ سال ۾ وڌي 520 رپيا 35 پئسا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.