ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، جنهن پنهنجي سموري حياتي ٻين ڪاڻ جيئڻ سيکاريو. جنهن سگا جهڙي تنظيم جو بنياد به ان ئي سوچ تي وڌو ته انسان ذات جي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي وسر آهر بي لوث خدمت ڪجي. ڊاڪٽر سليمان 1972ع ۾ سگا جو بنياد وڌو، جيڪو اڄ وڌي وڏو وڻ ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ سميت لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجي شاخن سان ڇانوَ وکيري رهيو آهي. سگا جي پليٽ فارم تان هن وقت تائين علم، صحت، سماجي ڀلائي ۽ نوجوانن جي شعور لاءِ نمايان ڪم ڪيو آهي.
ڊاڪٽر سليمان ڪيترائي نثر، مضمون، تنقيدي، ڀٽائي ۽ شخصيت تي ڪتاب لکي چڪو آهي، جن ۾ سماجي فڪر ۽ انساني اوسر تي زور ڏنل آهي. سندس فڪر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي انساني وحدت واري فڪر جي عڪاسي ملي ٿي، جيڪو سندس لکڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سنڌ ۾ ”دانشور ۽ ادارو ساز انسان“ طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ تمغه ملي چڪا آهن، ۽ هن کي اڄ به سنڌ جي فڪري، سماجي ۽ انساني ترقي جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ مون کي پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب ”اڄ جي دنيا ۾ شاھه لطيف جي رهبري“ تحفي طور پيش ڪيو. جنهن کي ڏسي ۽ پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن پنهنجي هٿن سان هي ڪتاب مون کي ڏنو، جيڪو نه صرف محبت جو اظهار آهي، پر سگا سان پنهنجائپ کي به ظاهر ڪرڻ آهي. هي ڪتاب تازو مارچ 2026ع ۾ شايع ٿيو آهي. جيڪو 105 صفحن تي، خوبصورت ٽائيٽل پيج ۽ بائنڊنگ سان ڇپيل آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر سليمان شيخ جي مقالن ۽ تقريرن تي مشتمل آهي. جيڪو هڪ اهم ۽ فڪري لحاظ کان مالا مال تصنيف آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، فڪر ۽ پيغام کي جديد دور سان ڳنڍي پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي تعليمات کي رڳو تاريخي يا ادبي حوالي سان نه، پر عملي زندگي جي رهنمائي طور بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ ٻڌايو آهي ته شاهه لطيف جو پيغام انسانيت، محبت، برداشت، سچائي ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، جيڪو اڄ جي دنيا ۾ به ايترو ئي اهم آهي جيترو سندس دور ۾ هو.
ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته ليکڪ شاهه لطيف جي ڪردارن (سورمين) کي جديد سماجي مسئلن سان جوڙي، انهن مان سبق ڪڍي ٿو. اهو پڙهندڙ کي اهو احساس ڏياري ٿو ته شاهه لطيف جو فڪر وقت کان مٿانهون آهي ۽ هر دور لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هي ڪتاب نه صرف ادب جي شاگردن لاءِ پر هر انهيءَ شخص لاءِ فائديمند آهي، جيڪو پنهنجي زندگي ۾ اخلاقي قدرن ۽ روحاني واڌاري جي ڳولا ۾ آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اندازِ تحرير سادو، روان ۽ اثرائتو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي شروع کان آخر تائين پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي.
شاهه جي راهه – هڪ موحد جي لاءِ: هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب، توحيد جي فلسفي کي بيان ڪيو آهي. جتي ڀٽائيءَ انسان کي هڪ خدا تي پختو ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي راهه اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف: هن مضمون ۾ ليکڪ، شاهه لطيف جي تعليمات کي جديد دور سان ڳنڍي ڏيکاريو آهي، ته ڪيئن سندس پيغام اڄ جي ٽيڪنالاجي ۽ مادي دور ۾ به لاڳو ٿئي ٿو. سنڌي سماج ۽ لطيف سائين: ليکڪ هن باب ۾ سنڌي سماج تي شاهه لطيف جي اثر ۽ سندس شاعريءَ ۾ سماجي مسئلن جي عڪاسي بيان ڪئي وئي آهي. شاهه جي ساڃاهه: ان مضمون تي ليکڪ شاهه جي دانائي، بصيرت ۽ انساني نفسيات جي گهري ڄاڻ تي روشني وڌي آهي، ته شاهه جي پيغام کي اسان سمجهون جنهن کان پوءِ عالمي سطح تي سندس پيغام کي عام ڪرڻ ڪيون.
شاهه صاحب جو نظريه حيات: ان مقاملي ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ زندگيءَ بابت شاهه لطيف جي سوچ بيان ڪئي آهي، جيڪا سچ، صبر ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي. هن تمام سهڻي نموني سان وحدانيت جي اطاعت، حقوق العباد ۽ فرائض پورا ڪرڻ ۽ انساني خدمت ڪرڻ کي بهتر نموني سمجهايو آهي. اڄ جي دنيا ۾ شاهه لطيف جي رهبري: هن مقالي ۾ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته شاهه لطيف جو فڪر اڄ جي دور ۾ اخلاقي ۽ روحاني رهنمائي فراهم ڪري ٿو.شاهه عبداللطيف ڀٽائي سترهين عيسوي صديءَ جو عظيم انسان: ليکڪ هن ۾ شاهه لطيف جي عظمت ۽ سندس دور ۾ سندس ڪردار کي سهڻي نموني اجاگر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب پنهنجي ان ڪتاب ۾ مختصر طور مٿين سڀني عنوانن ذريعي شاهه لطيف جي فڪر کي زندگي، سماج، اخلاق ۽ جديد دور سان ڳنڍي جامع انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ان جامع ڪتاب ذريعي اسان کي ڀٽائيءَ جي پيغام کي آسان لفظن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊاڪٽر سليمان ڪيترائي مضمون، تنقيد، لطيفيات ۽ شخصيتن تي ڪتاب لکي چڪو آهي، جن ۾ سماجي فڪر ۽ انساني اوسر تي زور ڏنل آهي. سندس فڪر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي انساني وحدت واري فڪر جي عڪاسي ملي ٿي، جيڪو سندس لکڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سنڌ ۾ ”دانشور ۽ ادارو ساز انسان“ طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ تمغه ملي چڪا آهن، ۽ هن کي اڄ به سنڌ جي فڪري، سماجي ۽ انساني ترقي جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو.