بوشهر ايٽمي پلانٽ مان تابڪاري جا اثر نار ۾ پکڙجي سگهن ٿا

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)ٽرمپ گذريل رات ايران کي اٺيتاليهه ڪلاڪن جي ڊيڊ لائين ڏني هئي، جنهن مان لڳ ڀڳ چوويهه ڪلاڪ گذري چڪا آهن، ۽ هاڻي ايندڙ چوويهه ڪلاڪ انتهائي اهم قرار ڏنا پيا وڃن۔ انهيءَ دوران پاڪستان جون ڪوششون ۽ خطي جي ٻين ملڪن جون ڪوششون تيز ٿي ويون آهن ته جيئن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائي وڃي ۽ آمريڪا ۽ ايران کي هڪ ميز تي آندو وڃي ۽ هن مسئلي مان نڪرڻ جو رستو ڪڍيو وڃي۔مجموعيطور تي ست آمريڪي جهاز هن تڪرار دوران ڪيرايا ويا آهن، جن ۾ ڊرونز، ايف-15، ايف-35 ۽ سي-130 شامل آهن۔ سي-130 جا فوٽيجز به ايراني نيوز ايجنسي جاري ڪيا آهن ۽ عالمي ميڊيا به انهن کي شيئر ڪري رهي آهي۔ پاسداران انقلاب آمريڪي صدر جي بيان جو سخت جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن جارحيت جاري رهي ته سڄو خطو آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ “دوزخ” بڻايو ويندو۔ انهن خبردار ڪيو ته وڌيڪ جارحيت جي صورت ۾ پوري خطي ۾ سخت ردعمل ڏنو ويندو۔ان دوران اسرائيل ايران جي بوشهر ايٽمي پلانٽ ويجهو ميزائل حملو ڪيو، جنهن بابت ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کي آگاهه ڪيو۔ روس هن حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي هڪ “بد عمل” قرار ڏنو۔ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بوشهر ايٽمي پلانٽ مان تابڪاري خارج ٿي ته ان جو نقصان صرف ايران تائين محدود نه رهندو، بلڪه خليجي عرب ملڪن تائين پکڙجي سگهي ٿو ۽ وڏي انساني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ هن اهو به چيو ته هوا جي رخ جي ڪري اثر نار جي  ملڪن تي وڌيڪ ٿي سگهن ٿا۔اهو به ٻڌايو ويو آهي ته روس پنهنجي اتي موجود تقريباً 180 ماڻهن کي محفوظ طور تي ڪڍي ڇڏيو آهي۔ان کان علاوه حزب الله جي ڪارروائين تي اسرائيل به پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ ايران دعويٰ ڪئي آهي ته هن 25 لائبريريون تباهه ڪيون آهن، جڏهن ته اسرائيل ۽ آمريڪا جون 55 لائبريريون به تباهه ٿيون آهن، جن ۾ يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل گلستان محل جي لائبريري به شامل آهي۔هي واضح پيغام آهي ته ايران جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پر علم ۽ انساني شعور کي مڪمل طور ختم نٿو ڪري سگهجي۔ايران جي عملدار محسن رضائي چيو آهي ته ايران وٽ ڪجهه “سرپرائزز” آهن، جيڪي جلد سامهون ايندا ۽ آمريڪا کي حيران ڪري ڇڏيندا۔ ان کان علاوه ايران نئين هوائي دفاعي نظام حاصل ڪرڻ جو به دعويٰ ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس دفاعي صلاحيت کي گهڻو وڌائيندو۔آمريڪا جي 48 ڪلاڪن واري ڊيڊ لائين ۽ ايران کي ڌمڪين جي پس منظر ۾، ٻنهي پاسي تياريون جاري آهن۔ هڪ پاسي ڳالهه زميني حملي تائين به پهچي سگهي ٿي، جنهن ۾ 60 سيڪڙو يورينيم تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي پئي وڃي۔ياد رهي ته اڳ ۾ به هڪ وڏو آپريشن ٿيو هو جنهن ۾ آمريڪي پائلٽن کي بچايو ويو، جنهن دوران ايران به پنهنجن شهري نقصانن جو ذڪر ڪيو۔ ايران جي نظر ۾ اهو هڪ وڏو اسٽريٽجڪ قدم هو، جيڪو زميني آپريشن جي تياري جو اشارو ڏئي ٿو۔هاڻي ايران مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، جن ۾ ڪويت، بحرين، گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل جا علائقا شامل آهن۔ پاسداران انقلاب موجب انهن حملن ۾ مختلف ميزائل سسٽم استعمال ڪيا ويا، ۽ ڪيترن ئي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو۔رپورٽن مطابق ايران جي دعويٰ آهي ته هن ڪيترائي آمريڪي جهاز پڻ ڪيرايا آهن، جڏهن ته سندس فضائي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي۔ساڳئي وقت حزب الله جي طاقت به خطي ۾ اثرانداز ٿي رهي آهي، ۽ اسرائيلي ڪمانڊرن پاڻ به ان نقصان جو اعتراف ڪيو آهي، خاص طور تي اتر اسرائيل ۾۔هاڻي اهم ڳالهه اها آهي ته ڊيڊ لائين کان پوءِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي اچي وئي آهي۔ پاڪستان، چين، ترڪي، مصر ۽ سعودي عرب جهڙا ملڪ ٽياڪڙي لاءِ سرگرم آهن۔عباس عراقچي پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان خلوص سان امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ ايران ان جو شڪرگذار آهي۔ هن اهو به واضح ڪيو ته ايران آمريڪا تي اعتماد نٿو ڪري، تنهنڪري هو سڌي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار ناهي، پر خطي جي ملڪن سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔باقر ڪاليباف به چيو آهي ته ايران خطي جي قوتن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، جن ۾ پاڪستان، ترڪي، مصر، سعودي عرب ۽ چين شامل آهن۔پاڪستان جي بريفنگ ۾ اهو به سامهون آيو ته پاڪستان مختلف مرحلن ۾ ڪوششون ڪيون ته مسلم ملڪن کي گڏ رکيو وڃي ۽ اسرائيل جي حمايت واري موقف کي رد ڪيو وڃي۔ پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم رهيو ۽ ايران جي خلاف موقف کي قبول نه ڪيو۔پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ به ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته خطي ۾ توازن برقرار رهي۔ساڳئي وقت خدشو اهو به آهي ته جيڪڏهن حرمين شريفين کي ڪو نقصان پهچي ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏ بيهندو، پر اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ ايران جي پاليسي نٿي لڳي۔ ان ڪري خدشو آهي ته اهڙا حملا شايد ڪنهن ٻي ڌر، جهڙوڪ اسرائيل طرفان ڪيا وڃن ۽ پوءِ انهن کي ايران تي مڙهيو وڃي (فالس فليگ صورتحال)۔اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان به حساس آهي ۽ سعودي عرب کي به احتياط جي صلاح ڏئي رهيو آهي ته هو پنهنجي اڏن کي اهڙي طرح استعمال نه ٿيڻ ڏي جو خطو وڌيڪ تڪرار ۾ اچي وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.