تهران (م ڊ) ايراني فوج اصفهان صوبي ۾ آمريڪي پائلٽ کي بچائڻ لاءِ ڪيل ريسڪيو مشن کي مڪمل طور تي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪندي ٻه آمريڪي سي-130 طيارا، ٻه بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر ۽ جديد ڊرونز تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي ’تسنيم‘ موجب، ايراني فورسز ڏاکڻي اصفهان جي هڪ پراڻي ايئرپورٽ تي ڪيل آمريڪي آپريشن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ملبي جون تصويرون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن. خاتم الانبياءِ سينٽرل هيڊڪوارٽر جي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل ابراهيم ذوالفقاري آچر تي ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پائلٽ جي بازيابي بابت ڪيل دعويٰ سراسر ڪوڙي ۽ نفسياتي جنگ جو حصو آهي. هن چيو ته آمريڪا پنهنجي ذلت آميز شڪست لڪائڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته ميدانِ جنگ جون حقيقتون ايران جي حق ۾ آهن. ذوالفقاري هن واقعي کي 1980ع جي ”طبس واقعي“ سان تشبيهه ڏني، جتي آمريڪي فورسز کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو. ٻئي طرف، ايراني فوج ۽ پاسدارانِ انقلاب پاران جاري ڪيل الڳ الڳ بيانن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اصفهان ۾ هڪ اسرائيلي ’هرميس 900‘ ڊرون ۽ هڪ آمريڪي ’ايم ڪيو 9‘ ڊرون کي پڻ نشانو بڻائي ڪيرايو ويو آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سوشل ميڊيا تي طنز ڪندي لکيو ته ”جيڪڏهن آمريڪا اهڙيون ٽي وڌيڪ فتوحات حاصل ڪيون ته هو مڪمل تباهه ٿي ويندو.“ ياد رهي ته آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته هنن پنهنجا طيارا ايراني قبضي کان بچائڻ لاءِ پاڻ تباهه ڪيا، پر ايراني ماهرن طيارن جي پروپيلر ۽ ملبي جي حالت کي ڏسندي ان آمريڪي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پائلٽ جي ڳولا لاءِ ايران جي ٽن صوبن چهارمحال بختياري، ڪوهگيلويا بوير احمد ۽ اصفهان ۾ آپريشن جاري هو. ايران آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن جنگ ۾ وڌيڪ شدت آئي ته پورو خطو انهن لاءِ ”جهنم“ بڻجي ويندو. ايران جي خاتم الانبياءِ سينٽرل هيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته وڌيڪ جارحيت جي صورت ۾ سڄي خطي اندر انتهائي سخت ردعمل ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ايران کي شڪست ڏيڻ جو تصور هاڻي هڪ اهڙي ڌٻڻ بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ مخالف پاڻ ڌسجي ويندا. ٻئي طرف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر کليل ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران وٽ رڳو 48 ڪلاڪ آهن ته هو ڪو معاهدو ڪري يا آبنائي هرمز کي فوري طور کولي، ٻي صورت ۾ مٿس قيامت ٽٽي پوندي. ياد رهي ته آبنائي هرمز عالمي تجارت ۽ تيل جي سپلاءِ لاءِ دنيا جو سڀ کان اهم رستو آهي، جيڪو ايران تي حملن کانپوءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.