تهران/عوامي آواز نيوز)آمريڪا ايران ۾ ڪريل پنهنجي ايف 15 ايگل جهاز جي پائلٽ ۽ ويپن ڪنٽرولر کي باحفاظت ريسڪيو ڪري ورتو آهي۔ ان دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امريڪي جهاز جي عملي تائين پهچڻ جي ڊوڙ لڳي رهي هئي۔ جمعي تي جهاز ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي طرفن جا دستا هڪ ٻئي کان اڳ پهچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا۔ اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ اهو سوال عام آهي ته آخر هڪ پائلٽ دشمن علائقي ۾ ڪرڻ کان پوءِ پاڻکي قيد ٿيڻ کان ڪيئن بچائي ٿو؟ماهرن موجب اهو صرف قسمت جو معاملو ناهي، بلڪه سالن جي سخت تربيت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ جبلت جو گڏيل نتيجو هوندو آهي۔آمريڪي فضائيه جي رٽائرڊ بريگيڊيئر جنرل هوسٽن ڪينٽ ويل فرانسيسي خابرو اداري کي ٻڌايو ته جڏهن جهاز کي ميزائل لڳي ٿو ته پائلٽ وٽ ٻاهر نڪرڻ (ايجڪٽ) لاءِ صرف چند سيڪنڊ هوندا آهن۔هن جو چوڻ هو ته اها گهڙي انتهائي خوفناڪ هوندي آهي، جڏهن هڪ لمحو اڳ توهان جديد ترين جهاز اڏائي رهيا هوندا آهيو ۽ ايندڙ ئي لمحي ڌماڪي کان پوءِ فضا ۾ هوندا آهيو۔ هن موجب زمين تي لهڻ کان پوءِ اصل امتحان شروع ٿئي ٿو، جنهن کي “سيئر” ٽريننگ چيو وڃي ٿو، جتي پائلٽن کي سيکاريو وڃي ٿو ته هو دشمن کان ڪيئن بچن، ڏکين حالتن ۾ ڪيئن زنده رهن ۽ ريسڪيو ٽيمن تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي سڃاڻپ ڪيئن لڪائن۔پائلٽ وٽ بقا لاءِ هڪ مڪمل نظام هوندو آهي جيڪو سيٽ جي هيٺان هڪ ڪِٽ جي صورت ۾ موجود هوندو آهي۔ پيراشوت ذريعي لهندي پائلٽ کي سڀ کان پهريان اهو ڏسڻو هوندو آهي ته ڪٿي لهڻو آهي ۽ ڪهڙن علائقن کان بچڻو آهي۔زمين تي پهچڻ سان ئي هو سڀ کان پهرين پنهنجي زخمن جو جائزو وٺي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايجڪشن دوران هڏيون ٽٽڻ عام ڳالهه آهي۔ويتنام جنگ جي مثالن موجب ڪيترائي پائلٽ صرف جهاز مان نڪرڻ جي جھٽڪي سبب به سخت زخمي ٿي ويا هئا۔جيڪڏهن پائلٽ زخمي نه هجي ته سندس پهرين ترجيح دشمن جي نظر کان لڪي وڃڻ ۽ ڪنهن محفوظ هنڌ تان پنهنجي بيس سان رابطو ڪرڻ هوندي آهي۔ Houston Cantwell موجب جيڪڏهن هو ريگستاني علائقي ۾ هجي ته پاڻي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔پائلٽ جي بقا واري ڪِٽ ۾ پاڻي، توانائي ڏيندڙ خوراڪ، ابتدائي طبي امداد جا سامان، ۽ سگنل ڏيڻ وارا اوزار شامل هوندا آهن، جهڙوڪ فليئرز، دونهي وارا بم ۽ سيٽلائيٽ ريڊيو، جيڪي 3 کان 7 ڏينهن تائين زنده رهڻ ۾ مدد ڏين ٿا۔ان کان علاوه ٿرمل بلينڪٽ ۽ باهه ٻارڻ جا اوزار به هوندا آهن، جيڪي سخت موسمي حالتن ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا۔ پائلٽ هڪ خاص سروائيول ويسٽ پڻ پائيندو آهي، جنهن ۾ ريڊيو، هيلمٽ ۽ ٻيا ضروري اوزار شامل هوندا آهن۔ٻئي پاسي پينٽاگون جون “ڪومبيٽ سرچ اينڊ ريسڪيو” ٽيمون هميشه الرٽ رهنديون آهن۔ رٽائرڊ ماسٽر سارجنٽ اسڪاٽ فالس موجب ڪنهن به مشن کان اڳ ريسڪيو جو منصوبو تيار هوندو آهي، ۽ ڊرونز، انٽيليجنس ۽ سگنلز ذريعي پائلٽ جي لوڪيشن معلوم ڪري ٽيم رواني ڪئي ويندي آهي۔دشمن علائقي ۾ پائلٽ کي بچائڻ جو مشن صرف فوجي ڪارروائي ناهي، پر اهو ان ڳالهه جو ثبوت هوندو آهي ته فوج پنهنجن سپاهين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي آهي۔ پر جڏهن ٻنهي ملڪن جون فورسز آمهون سامهون هجن ته هر گذرندڙ لمحو پائلٽ جي زندگي ۽ قيد جي وچ ۾ هڪ نازڪ فرق بڻجي ويندو آهي۔