آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪندي ايران ۾ تباهه ٿيل ايف-15 جي ٻئي اهلڪار کي حفاظت سان بازياب ڪرائڻ جي تصديق ڪئي. صدر ٽرمپ ٻڌايو ته زخمي پر انتهائي بهادر ايئرمين، جيڪو آمريڪي فوج جو هڪ معزز ڪرنل آهي، کيس ايران جي جبلن مان ڪاميابي سان ڪڍيو ويو آهي. صدر ٽرمپ انڪشاف ڪيو ته ايراني فوج وڏي تعداد ۾ هن اهلڪار کي ڳولي رهي هئي ۽ هو کيس پڪڙڻ جي بلڪل ويجهو پهچي چڪي هئي، پر آمريڪي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري کيس بچائي ورتو. هن چيو ته اهڙا آپريشن انتهائي خطرناڪ هوندا آهن ۽ فوجي تاريخ ۾ تمام گهٽ ڪيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو وڏو خطرو هوندو آهي. آمريڪي صدر وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين آپريشن دوران پائلٽ کي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ بچايو ويو هو، جڏهن ته هن پوري ڪارروائي دوران آمريڪي جهاز ايران جي فضائي حدن ۾ مسلسل 7 ڪلاڪ گذاريا، جيڪو هڪ غير معمولي عمل آهي. صدر ٽرمپ هن ڪاميابيءَ کي آمريڪي فوج جي بهادري ۽ مهارت جي شاندار مثال قرار ڏنو. هن پنهنجي پيغام جي آخر ۾ چيو ته هو اوول آفيس ۾ فوجي اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندو، جنهن ۾ وڌيڪ تفصيل سامهون آندا ويندا. پيغام جي پڄاڻي تي هن آمريڪي فوجي جوانن جي سلامتيءَ لاءِ دعا پڻ ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي سخت لفظن ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اڱاري جو ڏينهن ايران ۾ بجلي گهرن ۽ پلن جي تباهي جو ڏينهن هوندو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران ۾ اهي حملا هڪ ئي وقت مڪمل ڪيا ويندا، جنهن سان ملڪي نظام ڊانوانڊول ٿي ويندو. آمريڪي صدر ايران کي خبردار ڪندي چيو ته آبنائي هرمز کولي ڇڏيو، نه ته توهان کي جهنم جهڙي صورتحال ۾ زندگي گذارڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ايران وٽ معاهدو ڪرڻ لاءِ هاڻي رڳو 48 ڪلاڪ باقي آهن، جنهن کانپوءِ مٿس قيامت ٽٽي پوندي. ٽرمپ موجب جيڪڏهن ايران معاهدي تي راضي نه ٿيو ته کيس تباهه ڪري پٿر جي دور ۾ ڌڪيو ويندو. واضح رهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي. هڪ طرف آمريڪي صدر مسلسل حملا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف پاڪستان سميت دنيا جا ٻيا ملڪ خطي ۾ وڏي جنگ کي روڪڻ ۽ جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ سفارتي سطح تي ڪوششون ڪري رهيا آهن. پوري دنيا جون نظرون هاڻي آمريڪي الٽيميٽم جي مڪمل ٿيڻ واري وقت تي لڳل آهن. ٻئي پاسي وري وري نئين بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ٿي ويو آهي ۽ کيس يقين آهي ته سومر جي ڏينهن (اڄ) تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪو معاهدو ٿي ويندو. ”فاڪس نيوز“ کي ڏنل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ انتهائي حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪا ايران ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن دوران مظاهرين کي هٿيار فراهم ڪيا هئا. صحافي سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ ٻڌايو ته آمريڪا پاران ايران ۾ احتجاج کي وڌيڪ پرتشدد بڻائڻ لاءِ ڪرد باغين جي ذريعي وڏي تعداد ۾ بندوقون ۽ ٻيا هٿيار موڪليا ويا هئا، پر سندس خيال ۾ ڪرد باغين اهي هٿيار پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏيا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ايراني اختيارين هن وقت آمريڪا سان رابطي ۾ آهن ۽ ڊيل چاهين ٿا، انهن کي نشانو نه بڻايو ويندو. آمريڪي صدر ايران کي آخري ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي تائين معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا هڪ ئي جهٽڪي ۾ ايران جي سموري انفراسٽرڪچر بشمول پلن ۽ پاور پلانٽس کي تباهه ڪري ڇڏيندو ٻئي پاسي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ايراني هم منصب سان رابطو ڪيو،هن چيو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ آمريڪا الٽيميٽم جي زبان بند ڪري،صورتحال کي ڳالهين جي ميز تي آڻي،هوڏانهن چيني پرڏيهي وزير وانگ يي روسي هم منصب سان رابطو ڪيو ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ روس سان سهڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪا ايران جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪيرايل پنهنجي ايف-15 جنگي جهاز جي گم ٿيل ٻئي اهلڪار کي هڪ انتهائي پيچيده ۽ خطرناڪ جنگي ريسڪيو آپريشن ذريعي حفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آچر جي صبح هن ڪاميابي جي تصديق ڪندي چيو ته آمريڪي فوج پنهنجي تاريخ جي سڀ کان جرئت منداڻي ڪارروائي ڪندي پنهنجي آفيسر کي محفوظ مقام تي پهچائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب، هي جهاز گذريل جمعي تي ايران جي جبلن ۾ ڪريو هو. جهاز ۾ موجود ٻن اهلڪارن مان هڪ کي فوري طور بچايو ويو هو، پر ٻيو اهلڪار (جيڪو ڪرنل جي عهدي تي فائز آهي) ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاپتا رهيو. آمريڪي اختيارين موجب، هن بهادر آفيسر 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت دشمن جي علائقي ۾ اڪيلو گذاريو ۽ رڳو هڪ هينڊ گن ذريعي پنهنجي حفاظت ڪندو رهيو، جڏهن ته ايراني فورسز هر گذرندڙ لمحي سان کيس ڳولڻ لاءِ ويجهو پهچي رهيون هيون. هن مشن ۾ آمريڪي جاسوسي اداري سي آءِ اي اهم ڪردار ادا ڪيو. سي آءِ اي نه رڳو پائلٽ کي هڪ جبل جي ڏار مان ڳولي ورتو پر ايران کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مهم به هلائي، جنهن ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته پائلٽ ملي چڪو آهي، ته جيئن ايراني فورسز غلط پاسي ۾ لڳي وڃن. آپريشن دوران آمريڪي ۽ ايراني فورسز ۾ جهڙپون پڻ ٿيون. ايراني ميڊيا موجب، هن ريسڪيو آپريشن دوران هڪ آمريڪي ڊرون به ڪيرايو ويو آهي. واضح رهي ته ايران هن اهلڪار کي زندهه پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ هو، پر آمريڪا جي درجنن جديد طيارن ۽ هيلي ڪاپٽرن هن مشن کي ڪامياب بڻائي پنهنجي سپاهي کي واپس آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آمريڪي ميڊيا موجب، هي آپريشن 3 ۽ 4 اپريل جي وچ ۾ ايران جي اندر ڪيو ويو، جنهن ۾ اسپيشل فورسز ۽ مشهور ’نيوي سيل ٽيم 6‘ حصو ورتو. پينٽاگون جي ذريعن موجب، هواباز جي لوڪيشن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وئي ۽ کيس دشمن جي علائقي مان ڪڍڻ لاءِ زميني ۽ فضائي قوتن گڏجي ڪم ڪيو. ريسڪيو ڪيل آفيسر کي طبي امداد لاءِ ڪويت منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، هڪ خبر ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران ٻه آمريڪي جهاز فني خرابي جو شڪار ٿيا هئا، جن کي آمريڪي فورسز فوري طور تباهه ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن جو ملبو ايران جي هٿ نه لڳي سگهي. سي بي ايس نيوز جي رپورٽ موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سڌي حڪم تي وڏي انگ ۾ درجنين جنگي جهازن، هيلي ڪاپٽرن ۽ سوين ڪمانڊوز هن پيچيده مشن ۾ حصو ورتو.’ويزو‘ (WSO) جي نالي آمريڪي فوج پائلٽ جي لوڪيشن کي محفوظ رکڻ لاءِ ايراني دستن تي بمباري ڪئي، جنهن دوران ٻنهي فوجن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ياد رهي ته ايران اڳ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هن پائلٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ آمريڪا پنهنجي پائلٽ کي ماري کيس خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر آمريڪي انتظاميا پاران پائلٽ جي حفاظت سان نڪرڻ جو اعلان انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جهاز ۾ سوار 3 اهلڪارن مان هي ٻيو اهلڪار هو جنهن کي بچايو ويو آهي.