اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج اتر وزيرستان جي غلام خان سيڪٽر ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي 37 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو .
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايڪس تي تفصيل جاري ڪندي لکيو ته ” دهشتگردن خلاف آپريشن ”غضب لِلحق“ جاري آهي، 2 ۽ 3 اپريل واري رات اتر وزيرستان جي سرحدي علائقي غلام خان سيڪٽر ۾ سرحدي چوڪي تي افغان طالبان / فتنه الخوارج طرفان حملي جي ڪوشش کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ کين ڳرو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جن ۾ 37 خارجي مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
هن چيو ته ” افغانستان ۾ موجود دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ”للحق“ ۾ 5 اپريل شام 5 وڳي تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 796 تائين پهچي ويو جڏهن ته 1043 زخمي آهن.
سڌ سماءُ وري وزير موجب، آپريشن دوران هينئر تائين دهشتگردن ۽ افغان ريجيم جون 286 چوڪيون تباهه ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 44 چوڪيون قبضي ۾ ورتيون ويون، 249 ٽينڪ، بڪتربند گاڏيون، توپ ۽ ڊرون تباهه ڪيا ويا، افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي 81 ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو.
اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي وڏي ڪارروائي، سرحد پار کان دهشتگردن جو حملو ناڪام، 37 خارجي جهنم ڀيڙا
You might also like