گذريل ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپين جو رليف پيڪيج ڏنو ويو، ڏکئي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسافر بسن کي هڪ لک رپيا ماهوار ۽ مني بس ۽ ويگنن کي 40 هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي ته جيئن ڀاڙن ۾ واڌ نه ٿئي، کاڏي پيتي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ روڪڻ لاءِ ٽرڪن کي 70 هزار، وڏين مال بردار گاڏين کي 80 هزار ۽ ڊليوري وينن کي 35 هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پيٽروليم شين تي حڪومت طرفان سبسڊي جي نفاذ بابت اڳڀرائي جو جائزو اجلاس ٿيو،
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سميت وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس کي سبسڊي فراهمي بابت اڳڀرائي سان گڏ ملڪ ۾ ٻارڻ جي ذخيرن ۽ استعمال بابت به آگاهي ڏني وئي،
وزيراعظم چيو ته مسافر بسن کي هڪ لک رپيا ماهوار ۽ مني بس ۽ ويگنن کي 40 هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي ته جيئن ڀاڙن ۾ واڌ نه ٿئي، کاڏي پيتي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ روڪڻ لاءِ ٽرڪن کي 70 هزار، وڏين مال بردار گاڏين کي 80 هزار ۽ ڊليوري وينن کي 35 هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي.
نظام ۾ شفافيت لاءِ رقم ڊجيٽل والٽس ذريعي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته سبسڊي جي رقم جي فوري فراهمي جي هدايت ڪئي وئي جنهن جي شروعات گذريل ڏينهن کان ٿي چڪي آهي.
جيڪا سبسڊي سومر کان ڏيڻي هئي، اها وزيراعظم جي خاص هدايت تي ڇنڇر جي موڪل واري ڏينهن کان ئي شروع ڪئي وئي، هن سبسڊي لاءِ چئني صوبائي حڪومتن طرفان ٽرڪ، بسون ۽ مال بردار گاڏين جا تفصيل وفاقي حڪومت کي ڏنا ويا.
وزيراعظم چيو ته بلوچستان حڪومت قومي پيڪيج لاءِ طئي ٿيل رقم جمع ڪرائي آهي، جيڪا ساراهه جوڳي آهي.
وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا خاص ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اميد آهي ٻيا صوبا به جلد رقم جمع ڪرائيندا، گذريل ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپين جو عوامي رليف پيڪيج ڏنو ويو، ڏکئي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.
هن چيو ته پيٽرول ليوي ۾ فوري طور 80 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي، پاڪستان ريلوي 6 ارب رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي جنهن سبب ٽرينن ۽ مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ نه ڪئي وئي، ٽول ٽيڪس ۾ ٽه ماهي 25 سيڪڙو واڌ به واپس ورتي وئي.
وزيراعظم چيو ته ڏکئي وقت ۾ جيترو ممڪن آهي اوترو عوام کي رليف ڏنو پيو وڃي ۽ ڏيندا رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.