اسلام آباد(ابصار عالم)پاڪستان،گڏيل عرب امارات کان ورتل قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ اهو قرض ڪيترن سالن کان وياج سميت هلي رهيو هو ۽ ان جي ڪل لاڳت تقريباً 2 ارب ڊالر ٿي چڪي هئي۔چيو پيو وڃي ته پاڪستان اهو فيصلو ان لاءِ ڪيو ته پرڏيهي پاليسي تي ڪو دٻاءُ نه اچي قومي مفادن سان سمجهوتو نه ٿئي اهو هڪ اصولي فيصلو آهي، جنهن جا فائدا ۽ نقصان ٻئي ٿي سگهن ٿا۔هاڻي جنگ جي صورتحال تي نظر وجهجي ته حالتون اڃا به ڳڻتي جوڳيون آهن۔ آمريڪا کي به نقصان ٿيو آهي:جهاز تباهه ٿيا فوجي مارجي ويا هيليڪاپٽرز کي نشانو بڻايو ويو انهيءَ سبب آمريڪا اندر به بحران پيدا ٿيو آهي ۽ فوجي قيادت ۾ تبديليون آيون آهن۔هي جنگ اصل ۾ وڌيڪ فائدو اسرائيل کي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته خطري ۾ عرب ملڪ ۽ ايران پاڻ اچي سگهن ٿا۔ جيڪڏهن آمريڪا هٽي وڃي ته تڪرار ايران ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ رهجي ويندو۔انهيءَ ڪري پاڪستان مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن، جيڪو اسلامي اصولن مطابق به آهي۔آخر ۾ هڪ اهم نڪتو اهو به آهي ته جيڪي پاڪستاني پنهنجا پئسا متحدہ عرب امارات ۾ رکندا آهن، انهن کي سوچڻ گهرجي:ڇا سندن اثاثا محفوظ آهن؟ ڇا انهن کي پنهنجو پئسو واپس پاڪستان آڻڻ گهرجي؟ ڇو ته ملڪ کي هن وقت پنهنجي ماڻهن جي محنت ۽ ايمانداري جي سخت ضرورت آهي۔پاڪستان ۾ مسئلا ضرور آهن، پر پوءِ به اهو ملڪ پنهنجي ماڻهن کان اهو تقاضو ڪري ٿو ته هو پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
You might also like