ششي ٿرور جي مودي سرڪار جي مسلم مخالف بيانئي تي ڇتي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سينيئر ڀارتي سياستدان ششي ٿرور مودي سرڪار جي مسلم مخالف بيانئي تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ششي ٿرور بالي ووڊ فلم ”امر اڪبر انٿوني“ جو حوالو ڏيندي نئين ۽ پراڻي ڀارت جي ڀيٽ ڪئي ۽ چيو ته ماضيءَ جي ڀارت ۾ انٽرٽينمينٽ ذريعي به محبت ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏني ويندي هئي.
هن چيو ته ”امر اڪبر انٿوني“ جهڙين فلمن تي ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي هئي ته جيئن ٽڪيٽن جون قيمتون گهٽ رهن ۽ ماڻهو شوق سان اهڙيون فلمون ڏسن، پر هاڻي دور تبديل ٿي چڪو آهي ۽ اهڙين فلمن کي ٽيڪس رعايت ڏني پئي وڃي جن ۾ مسلمانن خلاف نفرت ڏيکاري وڃي ٿي.
ششي ٿرور هن رويي کي بيانئي ۽ قدرن ۾ وڏي تبديلي قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.