شهيد قاسم سليماني خاندان جي عورتن جي گرفتاري واري آمريڪي دعويٰ ڪوڙي آهي: زينب سليماني

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي شهيد ڪمانڊر قاسم سليماني جي ڌيءُ زينب سليماني آمريڪي پرڏيهي کاتي جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پنهنجي بيان هن چيو ته آمريڪا جن ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو آهي انهن جو شهيد قاسم سليماني جي ڪٽنب سان ڪو به واسطو ناهي.
قاسم سليماني جي ٻي ڌيءُ نرگس سليماني ايراني سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ تائين شهيد قاسم سليماني جي خاندان يا ويجهن مائٽن مان ڪو به آمريڪا ۾ نه رهيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪا دعويٰ ڪئي هئي ته قاسم سليماني جي خاندان سان واسطو رکندڙ ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته حميده سليماني افشار ۽ سندس ڌيءُ آمريڪا جون گرين ڪارڊ هولڊر هيون ۽ آمريڪا ۾ شاهاڻي زندگي گذاري رهيون هيون، ٻنهي جو گرين ڪارڊ رد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.