ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪولز اتحاد 7 اپريل کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
پرائيويٽ اسڪولز اتحاد جو چوڻ آهي ته اڃا تائين امتحاني مرڪز فائنل ناهن ڪيا ويا ۽ نه ئي ايڊمٽ ڪارڊ جاري ٿي سگهيا آهن.
تنظيم وڌيڪ چيو ته امتحاني سامان جي ترسيل به نه ٿي آهي ۽ نه ئي مرڪزن جي ڄاڻ موجود آهي، جڏهن ته ٻيا انتظام اڻپورا آهن.
ٻئي پاسي ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته ميٽرڪ امتحانن جا سمورا انتظام مڪمل آهن ۽ ايڊمٽ ڪارڊ بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.
ترجمان موجب، پرائيويٽ اميدوارن جا ايڊمٽ ڪارڊ سندن رهائشي پتن تي موڪليا ويا آهن، آچر جي موڪل واري ڏينهن به بورڊ آفيس کليل رهندي، جڏهن ته جيڪي اميدوار ايڊمٽ ڪارڊ حاصل نه ڪري سگهيا آهن اهي بورڊ آفيس جي ڪمري نمبر 5 سان رابطو ڪن.
You might also like