پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ گيهه ۽ تيل مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
بناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب، گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ 100 کان 150 رپيا في ڪلو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
ايڊوائيزر پي وي ايم اي موجب، پيٽروليم شين جي مهانگائي سبب ملن جي لاڳت وڌي وئي آهي، ٽرانسپورٽ ۽ پيداوار جي خرچن ۾ به وڏو واڌارو ٿيو آهي.
پي وي ايم اي وڌيڪ چيو ته حڪومت فوري طور پينل قائم ڪري ته جيئن قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ حل ڳولي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.