ٽي وي تي يوٽيوب وڊيو ڏسندي اي آءِ سان ڳالهه ٻولهه ممڪن! طريقو به سولو

موجودا دور ۾ ڪيئي ماڻهو يوٽيوب کي ٽيليويزن (ٽي وي) تي ڏسڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
هاڻي سمارٽ ٽي ويز لاءِ يوٽيوب ايپ ۾ هڪ انتهائي ڪارائتو فيچر شامل ڪيو ويو آهي.
”آسڪ“ نالي هي فيچر موبائل ڊوائيسز ۾ ته ڊگهي عرصي کان موجود هو، پر هاڻي ان کي ٽي وي تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هن فيچر ذريعي واهپيدار وڊيو ڏسندي هڪ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) اسسٽنٽ سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا.
هي فيچر سڀ کان پهرين 2024 ۾ يوٽيوب پريميئم واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو ۽ 2025 کان سڀني لاءِ دستياب آهي.
هاڻي هن فيچر کي سمارٽ ٽي وي جو حصو بڻايو ويو آهي.
هن فيچر کي ٽي وي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ يوٽيوب ايپ کوليو ۽ وڊيو ڏسندي ريموٽ مان اپ يا ڊائون ايرو بٽڻ دٻايو، جنهن سان وڊيو جا تفصيل ظاهر ٿيندا.
اتي فور پوائنٽ اسٽار سمبل وارو بٽڻ هوندو جيڪو ”آسڪ“ بٽڻ آهي، جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان آن اسڪرين مائڪرو فون بٽڻ ذريعي اي آءِ اسسٽنٽ کان سوال پڇي سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان جي ٽي وي ۾ مائڪرو فون موجود نه آهي ته پوءِ توهان اي آءِ اسسٽنٽ کي سجيسٽيڊ پرامپٽس ذريعي به استعمال ڪري سگهو ٿا، جيڪي ان وڊيو موجب هوندا جنهن کي توهان ڏسي رهيا هوندا.
هي فيچر هڙني واهپيدارن لاءِ موجود آهي ۽ ان لاءِ يوٽيوب تي سائن ان هئڻ ضروري آهي.
پر اِهو ياد رهي ته هي فيچر في الحال مخصوص ٻولين ۽ علائقن ۾ موجود آهي ۽ ڪمپني موجب هوريان هوريان سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.