اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ اچڻ کان انڪار ناهي ڪيو: ايران:پاڪستان جي آجيان

اسلام آباد/تهران (م ڊ) پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن آمريڪي ميڊيا پاران پکڙيل انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين تان هٿ کڻي ويو آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران آمريڪي شرطن کي رد ڪندي اسلام آباد ۾ ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڳالهين لاءِ دوحا يا استنبول تي غور ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوشل ميڊيا تي پنهنجي وضاحت ۾ چيو ته اسلام آباد وڃڻ بابت ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو ويو ۽ ايران پاڪستان جي ڪردار کي ساراهي ٿو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هن بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ايران جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو جامع ۽ مستقل جنگ بندي جو خواهشمند آهي. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي ته ايران اسلام آباد ۾ آمريڪي اختيارين سان ملڻ کان انڪار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃڻ کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو ۽ هو جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهين ٿا. هن واضح ڪيو ته آمريڪي ميڊيا حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهي آهي. ايراني پرڏيهي وزير زور ڏنو ته ايران اهڙي جنگ بندي چاهي ٿو جيڪا جامع ۽ دائمي هجي. هن پاڪستاني عوام سان محبت جي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران پاڪستان جي ميزباني ۽ سفارتي ڪوششن تي مڪمل اعتماد رکي ٿو. پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي ان وضاحت جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ آمريڪي ميڊيا جي پروپيگنڊا کي رد ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو عباس عراقچي جي هن بروقت وضاحت کي ساراهي ٿو، جنهن سان پکڙيل ابهام ختم ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.