ڪراچي(رپورٽر) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي بلاول هائوس ۾ منعقد ٿيل قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي وومين ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان گڏ عوامي اڳواڻ جي 47 هين شهادت جي ڏهاڙي تي بلاول هائوس ۾ منعقد ٿيل قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ قرآن خواني جو انتظام ڪيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي بلاول هائوس ۾ منعقد ٿيل قرآن خواني ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي بلاول هائوس ۾ منعقد ٿيل قرآن خواني ۽ دعا جي تقريب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو