80 رپيا لاٿ مذاق قرار، عوام پاران پيٽرول 200 رپيا ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وزيراعظم پاران 80 رپين جي لاٿ واري اعلان کي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي عوام رد ڪندي ان کي ڏيکاءُ قرار ڏنو آهي. شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پهرين پيٽرول جا اگهه رڪارڊ سطح تي پهچايا ۽ هاڻي / معمولي گهٽتائي ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته جيستائين پيٽرول جي في ليٽر قيمت 200 رپين تائين نه ايندي، تيستائين مهانگائي جي طوفان تي ضابطو اچڻ ناممڪن آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم ليوي کي ختم ڪري عوام کي حقيقي معنيٰ ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.