ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شهباز حڪومت پاران پهريان 137 رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ کان پوءِ عوام جي سخت ردعمل تي 80 رپيا في ليٽر گهٽائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي ان کي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۽ باريڪ واردات قرار ڏيندي چيوآهي ته ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريسي سميت وزيرن ۽ مشيرن جون 40،40 لک روپين جون پگهارون، آئيني عدالت جي ججن لاءِ مرسڊيز گاڏين جي درآمد، لکين ڪروڙين روپين جون مراعتون ڏيڻ جي سزا قوم کي پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسن جي صورت ۾ ڀوڳڻ نامنظور آهي۔ سمورن ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريسي سميت سياستدانن جون وڏيون پينشنون، مُفت پيٽرول، مُفت بجلي، سيڪورٽي سميت مراعاتون فوراً ختم ڪيون وڃن۔ .
موجوده حڪومت عوام دشمني ۾ اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته جلد کان جلد انهن کان جان ڇڏائڻ لاءِ حافظ نعيم الرحمٰن جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي تحريڪ ۾ شامل ٿين۔ ايران-آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن، .