اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ملڪي سياست ۾ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ شامل ٿيڻ جي باقاعدي دعوت ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ٻنهي وڏين پارٽين مولانا کي پي ٽي آءِ جو ساٿ ڇڏي حڪومت جو حصو بڻجڻ لاءِ زور ڀريو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي هڪ سينئر اڳواڻ ٽي ڏينهن اڳ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس مرڪز سميت بلوچستان ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي. ن ليگ اڳواڻن جو موقف هو ته ”پي ٽي آءِ اوهان سان گڏ نٿي هلي سگهي، ان ڪري بهتر آهي ته اوهان اسان جو ساٿ ڏيو.“ جي يو آءِ ذريعن موجب ن ليگ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي کي ’مائنس‘ ڪري جي يو آءِ سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي خواهشمند آهي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي قيادت به پوئتي ناهي رهي. پي پي پاران جي يو آءِ کي سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ گڏجي حڪومت هلائڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي ته ن ليگ کان سواءِ رڳو جي يو آءِ جي مدد سان بلوچستان ۾ حڪومت سازي ڪئي وڃي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اڳواڻن پڻ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، پر انهن جي آڇ حڪومت جي بدران سنڌ ۾ اپوزيشن بينچن تي گڏجي ويهڻ ۽ حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ بابت هئي. انهن تمام سياسي آڇن بابت مولانا فضل الرحمان ۽ پارٽي ترجمانن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. پارٽي جي مجلسِ شوريٰ جو اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ تمام تجويزن تي غور ڪرڻ کانپوءِ ئي مستقبل جي سياسي لائحہ عمل جو اعلان ڪيو ويندو.