ايراني سفارتخانن پاران ٽرمپ تي ميمز

تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي جنگي صورتحال دوران مختلف ملڪن ۾ موجود ايران جا سفارت خانا آمريڪا لاءِ طنزيه پيغام شيئر ڪيا آهن۔زمبابوي ۾ ايران جي سفارت خاني لکيو ته ٽرمپ، مهرباني ڪري ڳالهه ڪريو، اسان بور ٿي ويا آهيون”هڪ ٻئي پيغام ۾ لکيو ويو بليڪ فرائيڊي دوران هڪ آمريڪي ايف-15 جهاز ۽ ٻه بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر نشانو بڻيا”ڏکڻ آفريڪا ۾ ايران جي سفارت خاني آمريڪي جنرلن جي  برطرفي تي لکيو:رجيم جي تبديلي ڪاميابي سان عمل ۾ اچي وئي، آمريڪا کي عظيم بڻايو”۽ ان سان گڏ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٺهيل هڪ ميم به شيئر ڪئي۔ايران کي “پٿر جي دور” ڏانهن موڪلڻ بابت صدر ٽرمپ جي ڌمڪين تي برطانيه ۾ ايران جي سفارت خاني لکيو:ايپسٽن طبقي جي ميمبر جي قرونِ وسطى جهڙي بيان بازي، آمريڪي سماج لاءِ شرمناڪ آهي ته اهڙو شخص سندن آواز بڻيل آهي، اسان جا پٿر توهان کي جواب ڏيندا”ايران جي اعليٰ عهديدار محسن رضایی چيو ته آمريڪي جنرلن بدران صدر ٽرمپ کي ئي برطرف ڪيو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.