مستفيض الرحمان وارو تڪرار ختم؟ بي سي بي لاڳاپن جي بحالي لاءِ بي سي سي آءِ کي خط لکي ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي خط لکي ڇڏيو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ آپريشنز نظم العابدين فهيم جو چوڻ آهي ته اسان مختلف ڪرڪيٽ بورڊز سان باظابطا رابطي ۾ رهون ٿا ۽ ان ئي سلسلي ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي به خط لکيو ويو آهي.
هن چيو ته خط ۾ بي سي سي آءِ کي آگاهي ڏني وئي آهي ته ڀارتي ٽيم کي سيپٽمبر ۾ بنگلاديش جو دورو ڪرڻو آهي، جنهن کانپوءِ اسان جي وومينز ٽيم ڀارت ويندي.
بي سي سي آءِ کان ٻطرفي ڪرڪيٽ ۾ ٻيا ممڪن موقعا ڳولڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي. اڄ ڍاڪا ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو اجلاس پڻ ٿيو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ بنگلاديش ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.