لنڊن(ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار ۽ سماجي ڪارڪن شهزاد راءِ عالمي سطح تي تعليم جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نوبيل امن انعام يافته ملالا يوسفزئي کي پنهنجو ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
شهزاد راءِ ملالا يوسفزئي سان مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مزاحيه انداز ۾ کيس پنهنجو پسنديدا ايجنٽ قرار ڏنو.
ڳالهه ٻولهه دوران هن غزا ۾ جاري صورتحال تي ملالا جي شروعاتي ماٺ تي به سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ملالا چيو ته ”مٿس خاموش رهڻ جو الزام درست ناهي ڇو ته هن اسرائيلي ڪارروائين خلاف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان ڏنو هو ۽ هڪ اهم تقريب ۾ خاص نشان به لڳايو هو ته جيئن ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي سگهجي.“
سندس چوڻ هو ته هن ايراني اسڪول تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙين جي حق ۾ به آواز اٿاريو، پر ماڻهو حقيقتون ڄاڻڻ کان سواءِ تنقيد ڪندا آهن.