ممبئيءَ جا بالر بيوس، سمير رضويءَ جي 90 رنسن جي اننگز دهلي کي پهرئين نمبر تي پهچائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2026 جي اٺين ميچ ۾ دهلي ڪيپيٽلز ممبئي انڊينز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
نئين دهلي جي ارون جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي پهرين مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ممبئي انڊينز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهيون.
هاردِڪ پانڊيا جي غير موجودگي ۾ ٽيم جي قيادت سنڀاليندڙ سوريا ڪمار ياديو 47 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي ٽيم کي سهارو ڏنو.
دهلي جي مڪيش ڪمار زبردست بالنگ ڪندي 26 رنسون ڏئي 2 اهم وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اڪشر پٽيل هڪ شڪار ڪيو.
دهلي ڪيپيٽلز 163 رنسن جو هدف 18.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
دهلي جي فتح جو هيرو نوجوان بيٽر سمير رضوي رهيو، جنهن رڳو 51 بالن تي 90 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملر 21 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ممبئي طرفان مچل سينٽنر 22 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، پر ٻيا بالر دهلي جي بيٽرن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا.
شاندار بيٽنگ تي سمير رضوي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
واضح رهي ته اڄوڪي فتح سان گڏ دهلي ڪيپيٽلز هن وقت ليگ ۾ پهرين نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ممبئي انڊينز ڇهين نمبر تي هلي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.